| شهيد علي خامنه اي جي تدفين ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم ڪندو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف تهران ۽ ترڪي جو دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني اڳواڻ سيد علي خامنه اي جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ تهران جو دورو ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم ايران سان گڏ ترڪي جو به دورو ڪندو ۽ 2 جولاءِ جي شام تهران پهچندو. وزيراعظم 3 جولاءِ تي سيد علي خامنه اي جي تدفين ۾ شرڪت ڪندو، جنهن کان پوءِ ساڳئي رات تهران مان ترڪي روانو ٿيندو. سفارتي ذريعن مطابق 4 جولاءِ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان وچ ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) کان پوءِ واري صورتحال، علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.