شهيد عوام اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران شهادت ماڻي آمريت کي دنيا آڏو رسوا ڪري ويو: پيپلز پارٽي

شهيد عوام اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران شهادت ماڻي آمريت کي دنيا آڏو رسوا ڪري ويو: پيپلز پارٽي

ڪراچي/ملير (رپورٽرز) پيپلز پارتي پاران ڪراچي ۽ ملير ۾ 5 جولاءِ جي حوالي سان جلسا منعقد ڪيا ويا جن ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد عوام اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران شهادت ماڻي آمريت کي دنيا آڏو رسوا ڪري ويو. ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ هو جنهن اسلامي ملڪن جي وفدن کي پاڪستان آڻي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته ضياءُ الحق سياسي پارٽين تي پابندي هڻي جمهوريت کي نقصان پهچايو، قوم کي تقسيم ڪيو ۽ مذهبي انتهاپسندي توڙي لسانيت کي فروغ ڏنو. ضياءُ الحق ۽ مشرف هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ هئا، ڪنهن مارشل لا لڳايو ته ڪو زبردستي صدر بڻيو ۽ ريفرينڊم ذريعي عوام کي ڌوڪو ڏنو پر اڄ تاريخ ۾ انهن جا نالا مٽجي چڪا آهن پي پي پي ملير جي صدر راجا رزاق بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 5 جولائي جي راتاهي کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ملڪ مان ڀڄي ويا، پر پي پي پي جي جيالن جيلون، ڪوڙا ۽ سختيون برداشت ڪيون ڇو ته اهي شهيد ڀٽو جي نظريي ۽ فلسفي سان سچي محبت ڪن ٿا. پي پي پي واحد جماعت آهي جنهن جي قيادت ۽ ڪارڪنن ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون. ملڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي اڳيان آڻڻو پوندو ۽ ملير جي عوام اڳي وانگر مرڻ گهڙيءَ تائين پارٽي سان گڏ رهندو. ٻئي طرف پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾  ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو  ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن چاهي ها ته پنهنجي جان بچائي سگهي پيو، پر هن اصولن تان سوديبازي ڪرڻ بدران پنهنجي جان قربان ڪري آمريت کي دنيا آڏو ذليل ۽ رسوا ڪيو. شهيد ڀٽي 1971ع کانپوءِ شڪست کاڌل قوم کي ڪجهه ئي سالن ۾ ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريو، هن دعا ڪئي ته ملڪ تي آمريت جي سوچ جا باقي بچيل اثر ختم ٿين، لساني ۽ مذهبي نفرتن جو خاتمو ٿئي، سياست ٻيهر نظرين جي بنياد تي هلي ۽ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪري نوجوانن کي جمهوري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان ڏئي ثابت ڪيو ته دنيا ۾ اڄ به اهڙا اڳواڻ موجود هوندا آهن، جيڪي اصولن ۽ جمهوريت خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. رؤف احمد ناگوري چيو ته 5 جولاءِ 1977ع کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون هر ممڪن ڪوششون ڪيون ويون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، پوءِ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ آصف علي زرداري کي سالن تائين جيلن ۾ رکيو ويو، پر سندن خلاف ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آمريت سمجهندي هئي ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي، پر پارٽي هر ظلم برداشت ڪري وڌيڪ مضبوط ٿي نڪتي.. قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ڪراچي ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري شرميلا فاروقي چيو ته هوءَ پارٽي جي سڀني جيالن، عورتن ۽ عهديدارن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن جي بزرگن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه نصرت ڀٽو ۽ جمهوريت جي جدوجهد ۾ پنهنجون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد جماعت آهي، جنهن مارشل لا جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم برداشت ڪيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي آئين ڏنو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ قومي خودمختياري کي مضبوط ڪيو.. ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند چيو ته 5 جولاءِ 1977ع تي جمهوريت تي شب خون هڻي ملڪ تي آمريت مڙهي وئي. هن چيو ته ان کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو، عمر قيد جون سزائون ڏنيون ويون، ڪوڙا هنيا ويا ۽ آخرڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. هن چيو ته بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ جمهوريت جي جدوجهد جاري رکي. سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ عدالت به شهيد ڀٽو سان ٿيل ناانصافي کي تسليم ڪيو، تنهن ڪري اڄ به عوام جو نعرو آهي ته “ڀٽو زنده آهي.” هن وڌيڪ چيو ته مادرِ جمهوريت محترمه نصرت ڀٽو پڻ بي مثال قربانيون ڏنيون، پر پيپلز پارٽي هميشه انتقام بدران جمهوريت، آئين ۽ عوام جي بالادستي جي سياست کي ترجيح ڏني.