شهيد فائر فائيٽر جي سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي پاران الڳ الڳ مدد جو اعلان

ڪراچي: سانحي ۾ شهيد ٿيل فائر فائيٽر فرقان جي سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي پاران الڳ الڳ مدد ڪئي ويندي، سعيد غني چيو  شهيد فائير فائيٽر جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي، سندس والد به فائير فائيٽر هو. سعيد غني چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ڪي ايم سي سندس ڪٽنب جي مدد ڪندا.
 

گل پلازا سانحي تي سنڌ بار ڪائونسل پاران ڪارو ڏينهن
 

ڪراچي: گل پلازا سانحي تي سنڌ بار ڪائونسل پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو, سنڌ بار ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سانحي ۾ قيمتي جانين جو نقصان انتظاميا جي غفلت جو نتيجو آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن جي انسپيڪشن شروع ڪري فائر سيفٽي تي عمل ڪرايو وڃي
 

پلازا سانحي جي گم ڄاڻايل 60 ماڻهن جا نالا سامهون اچي ويا
 

ڪراچي: گل پلازا سانحي دوران گم ڄاڻايل 60 کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا سامهون اچي ويا. ضلعي انتظاميا موجب هيلپ ڊيسڪ تي شهرين لاپتا ماڻهن بابت شڪايتون درج ڪرايون، لاپتا ماڻهن ۾ ڊاڪٽر عائشه عمر، سندس مڙس عمر نبيل ۽ پٽ علي، سفيان، عبدالله، تنوير، چرچل مسيح، ڪائنات، راحيله، شائسته جبين، انس عمران،  محمد نويد، آفتاب، محمد عدنان، محمد ڪامران، غفران احمد، احسام الحق، محمد اشرف، محمد سعد، مصباح عرفان، نمره عرفان، شيراز، مريم نور، محمد فهد، چوڌري رمضان، علي محمد، حيدر علي، محمد خضر علي ولد خالد علي، آصف خان، عبدالصمد ولد رحمان، حسام ولد افضل، عثمان ولد گل فيض، محمد رمضان ولد الله بخش، ابوبڪر اسماعيل شيخ، سلمان ، حمزه ولد سرفراز، صداقت شاه، عشر، نمره، صداقت، محمد يوسف ولد عامر، ياسين ولد عامر، عبدالله، محمد علي گھانچي، سرفراز، آصف، فيصل، سعد، محمد عارف ولد حميد، محمد فيضان ولد رشيد، عبدالقيوُم، آصف خان، محمد حنيف، آصف عطاري، عمران ولد ابراهيم، محمد اشرف، سعد عرفان، ڪوجر پروين، محمد، اطهر سکر والا، ياسين سرور، سليم عثمان، آصف مجيد، ابرار اڪرم، محمد بلال، عبدالحسيب، آفتاب محمد، عثمان گل فيض، نويد، محسن آدم، محمد عارف علي، محمد رفيق ولد محمد انور، شيراز ولد اقبال، محمد سعد ولد سعيد شامل آهن
 

گل پلازا جي پارڪنگ کي به دڪانن ۾ بدلايو ويو: بلڊنگ ڪنٽرول   
 

ڪراچي: گل پلازا جو ڪامپليڪس پلان ۽ تعميراتي تفصيل سامهون اچي ويا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) موجب گل پلازا جي عمارت 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 1998ع ۾ عمارت ۾ هڪ اضافي منزل پڻ تعمير ڪئي وئي. ايس بي سي اي جي رڪارڊ مطابق گل پلازا ۾ پارڪنگ لاءِ مخصوص ايريا کي به دڪانن ۾ تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته عمارت جي ڇت کي وري پارڪنگ طور استعمال ڪيو ويو، جيڪو منظور ٿيل نقشي جي خلاف ورزي آهي. بعد ۾ سال 2003ع ۾ اضافي تعمير ڪيل منزل کي ريگولرائيز ڪيو ويو،  گل پلازا جي مالڪ 14 اپريل 2003ع تي ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو.اداري موجب منظور ٿيل نقشي تحت گل پلازا ۾ بيسمينٽ سميت ٽن ماڙن جي اجازت هئي، جڏهن ته مجموعي طور 1021 دڪان تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏنل هئي. ان جي ابتڙ عمارت ۾ 1200 دڪان تعمير ڪيا ويا، 179 دڪان منظور ٿيل نقشي کان وڌيڪ ٺاهيا ويا.ايس بي سي اي جي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گل پلازا ۾ راهدارين ۽ ايمرجنسي نڪرڻ وارن هنڌن تي به دڪان تعمير ڪيا ويا، جنهن سبب حفاظتي اصولن جي سخت ڀڃڪڙي ٿي.