| شهيد فاضل جون ورسي تقريبون شروع، اڄ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ |
ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ڀرسان شهيد فاضل راهو جي سندس جنم ڀومي راهوڪي ۾ سنڌ جي ارڏي بهادر هاري اڳواڻ ايم آر ڊي تحريڪ
جي هيرو رهندڙ شهيد عوام محمد فاضل راهو جي 39 هين ورسي جون تقريبون باقاعدي سان راهوڪي ۾ شروع ٿي ويون آهن ، تقريبن جو آغار هميشه جيان هن سال به ملهھ ملاکڙي سان ڪيو ويو ، ملاکڙي ۾ لاڙ ۽ اتر جي ملھ پهلوانن حصو ورتو ، ملھ پهلوانن ۾ الهجڙيونوحاڻي، ڪولر زرداري، مراد پنهور، شريف موسيپوٽو، حبيب الله حاجاڻو، رجب راهمون ۽ ٻين حصو ورتو. اڄ 16 جنوري جي شام 17 جنوري جي رات جو 10 وڳي ادبي ڪانفرنس ڪئي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب دانشور، ڪالم نڪار، ليکڪ ۽ ٻيا شهيد فاضل جي زندگي تي مقالا پڙهندا ان بعد راڳ رنگ جي پڻ محفل ڪئي ويئي جنهن ۾ ناليوارا فنڪار پنهنجا سر وکريندا. 17 جنوري تي صبح جو 10 وڳي قران خواني بعد شهيد جي مزار تي دعا گهري گلن جي چادر چاڙهي ويندي.