| شهيد فاضل رڳو سنڌ نه دنيا جو عظيم اڳواڻ هو: اسلم راهو |
ڪڙيوگهنور (ن پ ا) شهيد فاضل راهو يادگار ڪميٽي جي ڪنوينر شهيد فاضل راهو جي ننڍي فرزند محمد اسلم راهو چيو آهي ته شهيد فاضل راهو سنڌ جو نه پر دنيا جو عظيم ليڊر هو ، سندس سياست پيرن اگهاڙن مظلوم هيسل ماڻهن لاءِ هئي ، اهڙن خيالن جو اظهار پاران پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن وڌيڪ چيو ته شهيد فاضل هيٺين ڪلاس جو ماڻهو هو ، سياست ۾ هن پنهنجو هڪ وڏو مقام ٺاهيو ، شهيد فاضل هڪ وڏي جدوجهد ڪئي ، هو پنهنجي واٽ تي هلندو هو ظلم خلاف هو ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌندو هو