شهيد مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ 12 سالن کان پيپر بڪ نه ٺهڻ جو انڪشاف

سيپٽمبر 19, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود 12 سالن کان پيپر بُڪ نه ٺهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي هيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو ته ڪيس جو پيپر بڪ ئي نه ٺاهيو ويو آهي جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پراسيڪيوشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سوال ڪيو ته ڪيس جو پيپر بُڪ ٺاهڻ جو ڪڏهن حڪم ڏنو ويو هو؟ پراسيڪيوشن جي وڪيل چيو ته عدالت 2011 ۾ اپيلن جا ڪاغذ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته 2011 جي حڪم تي اڃا عمل نه ٿيو آهي

عدالت پاران ٽن ڏينهن اندر ڪيس جو پيپر بوڪ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سخت حڪم جاري ڪنداسين

 عدالت اپيلن جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010 ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي

20سيپٽمبر 1996 تي ڪراچي پوليس پاران ستر ڪلفٽن واري علائقي ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو هو

Leave A Comment