| شهيد مرتضيٰ ڀٽو ڪيس: شاهد حيات جي ٻي اپيل به چئلينج |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس مان جوابدارن جي بري ٿيڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته فوت ٿيل پوليس آفيسر شاهد حيات جي ڇا پوزيشن هئي؟ هو بري ٿي چڪو هو ته سندس اپيل ۽ ڀاءُ جي درخواست ڇو آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين جي قتل بابت 2 ايف آءِ آرز آهن، شاهد حيات هڪ ڪيس ۾ بري ٿيو، ٻئي ڪيس ۾ سندس اپيل موجود آهي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا فريادي جي فوت ٿيڻ بعد سندس ڀاءُ اپيل داخل ڪرائي سگهي ٿو؟ جنهن تي عامر منصوب ايڊووڪيٽ چيو ته اولاد يا بيواهه بدران ڀاءُ کي ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو اختيار ناهي، ٻئي ڪيس گڏايا وڃن،عدالت قانوني نقطي بابت درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي, وڪيلن ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف وفات ڪري چڪا آهن