شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي: ذوالفقار جونئير سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش

جنوري 23, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهيد جو پٽ ذوالفقار جونيئر پهريون ڀيرو سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد  واجد دراني، غلام شبير، ظفر اقبال، ذاڪر محمود  ۽ ٻيا جوابدار پيش نه ٿيا

شعيب سڊل، فيصل حبيب، عبدالباسط، اصغر علي، گلزار علي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، عدالت  وڪيل کان پڇيو ته جوابدار شاھد حيات ڪٿي آھي؟

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي پوليس جو اڳوڻو چيف  شاھد حيات فوت ٿي  چڪو آھي، عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا پيپر ورڪ مڪمل  ٿي چڪو آھي؟

 سرڪاري وڪيل  مهلت طلب ڪندي استدعا ڪئي ته شھيد ذوالفقار ڀٽو جو  ڪيس سپريم ۾ ھلندڙ آھي،  ان ڪري وقت ڏنو وڃي

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چئن ھفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي،گذريل ٻڌڻي تي عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفر اقبال ۽ ٻين کي طلب ڪيو هو

ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر  چيو ته شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي مراعتون ۽ انعام ڏنا ويا، اڄ به مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي مراعتون مليل آهن، شهيد مرتضيٰ جا قاتل اهي آهن جيڪي ڪيس ۾ نامزد آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته منهنجي والد کي سندس ساٿين سميت ناحق قتل ڪيو ويو، عدالت ايڏن سالن کانپوءِ ڪيس ٻيهر کوليو آهي ته انصاف لاءِ پهتو آهيان، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

 سياست ۾ انٽري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ذوالفقار جونيئر چيو ته سياست ۾ اچڻ بابت فيصلو هاڻوڪي اليڪشن کي ڏسي ڪندس

Leave A Comment