سکر (رپورٽر) شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو والد عبدالرزاق ساوند لاڏاڻو ڪري ويو، عبدالرزاق ساوند 6 اپريل تي پنهنجي نوجوان پٽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل بعد مسلسل بيمار ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار هيو
عبدالرزاق ساوند پنهنجي جوان پٽ شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي خون ۾ انصاف جو منتظر هو، پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل هن وقت تائين پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي
مقتول پروفيسر اجمل جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند چيو آهي ته بابا عبدالرزاق ساوند مسلسل بيمار ۽ پريشان رهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي