شهيد ڀٽو جي سالگرهه: پ پ پاران ضلعن ۾ ملهائڻ جو اعلان  

  شهيد ڀٽو جي سالگرهه: پ پ پاران ضلعن ۾ ملهائڻ جو اعلان  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدرنثار کهڙي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جنوري تي 98هين سالگرهه سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پارٽي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي کي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيڻ نه ڏيندي، اسان وفاقي حڪومت کي آڇ ڪريون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ کي خدمتن ۽ شين تي سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ته سنڌ صوبو وفاق کي ايف بي آر کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري ڏئي سگهي ٿو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جنوري تي 98هين سالگرهه جون تقريبون سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ٿينديون، پيپلز پارٽي جون ضلعي تنظيمون ڪيڪ ڪاٽينديون.ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا نه پيا ٺھن ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪڏهن نئون صوبو ٺھند، سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ شوشا آهن. پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت کي نقصان رسائڻ نه ڏيندي