| شهيد ڀٽو جي ورسي: بلاول هائوس ۽ شرجيل ميمڻ پاران تقريبون: ڀيٽا |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي مناسبت سان ڪراچي ۾ مختلف ھنڌن تي قرآن خوانيون ۽ تقريبون ٿيون، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ قرآن خواني جو انتظام ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف سوشل اينڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٿيل تقريب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ سندن درجات جي بلندي لاءِ خاص دعا گهري وئي. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي 51 سالن جي زندگيءَ ۾ اهڙا عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا، جن جو اڄ تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي۔ هن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اڄ زنده هجي ها ته پاڪستان، هن خطي، دنيا ۽ عالمِ اسلام جون حالتون اڄ کان بلڪل مختلف هجن ها۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي پي ايس 102، 103، 104 ۽ 105 هيٺ مختلف تقريبون ٿيون، ھوڏانھن پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي بلاول هائوس ۾ منعقد ٿيل قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي، تقريب وڏي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، هوڏانهن ملير ۾ پ پ پاران تقريب ٿي