واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي نياڻي سسئي ڀٽو ڊگهي عرصي بعد سوشل ميڊيا تي وري سرگرم ٿي وئي آهي
آمريڪا ۾ رهندڙ سسئي ڀٽو 2018 ۾ اوچتو پاڪستان آئي هئي ۽ ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ٿيل پنهنجي ڏاڏا، والد، چاچا ۽ پڦي جي قبرن تي حاضري ڀرڻ بعد واپس هلي وئي هئي ۽ لاڳيتو غائب رهي
سسئي ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي سرگرم ٿيڻ بعد مختلف پوسٽون شيئر ڪندي رهي ٿي تازو هن پنهنجي والد سان نڪتل ننڍپڻ جون ڪجهه يادگار تصويرون پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن
انستاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل اسٽوري ۾ سئي ڀٽو لکيو آهي ته کيس والد هر وقت ياد ايندو آهي سندس مڙهه کي ڏسڻ وقت هو جنهن تڪليف مان گذري هئي اها اڄ به کيس محسوس ٿيندي آهي
سسئي ڀٽو لکيو آهي ته ٽن ورهين جي ڄمار ۾ اهڙو سانحو ڏسڻ سان هو جلد ئي سمجهدار ٿي وئي انڪري اهو سانحو اڄ تائين سندس اکين اڳيان موجود رهندو آهي
واضح رهي ته جلاوطن ٿيڻ بعد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهناوز ڀٽو ٻن افغان ڀينرن فوزيا ۽ ريحانه سان شادي ڪئي هئي ميرمرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ شاهنواز جي پراسرار موت بعد زال فوزيه کي طلاق ڏني هئي جڏهن ته نياڻي فاطمه ڀٽو کي پاڻ وٽ رکيو هو