| شهيد ڀٽو حيات ھجي ھا ته اڄ اسلامي ملڪن کي سرڪس ۾ نچايو نه وڃي ھا: مراد شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته شهيد ڀٽو گھڻ رخي شخصيت ھو، اڄ اسين سڀ پاڻ کي عوامي سڏايون ٿا، اھو شهيد ڀٽو جي ڪري آھي، دنيا ۾ پاڪستاناڄ جيڪو وقار آھي اهو شهيد ڀٽو جي ڪري آهي، جنهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو ته شھيد ڀٽو فلسطين جي حق ۾ سڀ کان وڌيڪ سگھارو آواز ھو. شهيد ڀٽو چيو ھو ته افسوس آھي جو دنيا مان عدل ختم تي ويو آهي نه ته فلسطين جو ھي حال نه ھجي ھا، اڄ جيڪي پرڏيھي پاليسي بابت فيصلا ٿين پيا، مونکي لڳي ٿو ته اھي فيصلا ڀٽو جا ڪتاب پڙھي ڪيا پيا وڃن انھي ڪري ڪجهه بھتر فيصلا ٿي رھيا آھن، جيڪو اسانجي فورسز ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، انھي ۾ چين اسانجي مدد ڪئي، جڏهن مسلمان ملڪ ھڪٻئي جي شڪل ڏسڻ پسند ڪونه ڪندا ھئا، ان وقت ڀٽو سڀني کي گڏ ويھاريو ھو، شهيد ڀٽو حيات ھجي ھا ته اسلامي ملڪن جي اھا صورتحال نه ھجي ھا ۽ اسانکي ايئن سرڪس ۾ نه نچايو وڃي ھا. ھن چيو ته چين کي دنيا ۾ سڀ کان ذوالفقار علي ڀٽو اهميت ڏني، هن 1966ع ۾ آرٽيڪل لکيو ھو ته چين معاشي طور مستحڪم ٿيندو، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو ته خامنه اي جي شهادت وقت محسوس ٿيو ته ٽئين دنيا جو اهو ڪهڙو اڳواڻ نه ھو جنهن کي آمريڪا سامراج شھيد ناھي ڪرايو ڀٽو کي عدالت ذريعي قتل ڪرايو ويو، جنهن پنهـنجي عوام جي ڳالهه ڪئي، آمريڪا انهي کي قتل ڪرايو پر اھي سمورا ليڊر اڄ به پنهنجي ملڪ جي عوام ۾ زنده آھن، هن چيو ته سي پيڪ جو بنياد ڀٽو رکيو هو سينيٽر مشاھد حسين چيو ته شهيد ڀٽو انھي ڪري زنده آھي جو ھن جا ڪارناما زنده آھن، ھو عوامي ليڊر ھو، اڄڪلهه جا ليڊر پنهنجي پاڇي کان پيا ڊڄن ته ڪو کانئن سوال نه ڪري، سينيئر صحافي سھيل وڙائچ چيو ته اسين سب انڌا آھيون، جيڪي پنهنجي دور جي وڏي ماڻهو کي نه ڏسي ٿا سگھون ۽ نه ئي سمجهي سگھون ٿا۔ سندن وڃڻ کانپوءِ ئي انھن جون ڳالهيون ڳائيندا آھيون، ڇا اسان انڌا ناھيون جو ڀٽو کي ڦاھي چاڙھيندڙ 11 سال حڪومت ڪن ۽ جج وري چيف جسٽس به ٿي وڃن، ڇا آمر ضياء الحق جي قبر مسجد ۾ ھجڻ گھرجي؟ ذوالفقار علي ڀٽو مي لارڊ چوندي ڦاھي تي چڙھي ويو پر مي لارڊ کي شرم نه آيو ته انھن قانون سان ڇا ڪيو؟ تقريب کي صوبائي وزير سعيد غني، مظھر عباس، ھما بقائي، احمد شاھ ۽ ڊاڪٽر جعفر خطاب ڪيو۔