عدالت لاءِ رت جا ڇنڊا صاف ڪرڻ جو موقعو آهي، ڪجهه قوتون ٻڌڻي نٿيون چاهين، انصاف ٿيندو، بلاول/ آصف

ڊسمبر 12, 2023

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي بابت ريفرنس عدليه لاءِ امتحان ۽ رت جا ڇنڊا صاف ڪرڻ جو موقعو به آهي، ريفرنس کي ٻڌڻ تي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جا ٿورائتا آهيون، بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جج اسان کي اسان جا شهيد واپس ته نه ٿا ڏياري سگهن پر گهٽ ۾ گهٽ اهو فيصلو ته ڏين ته ڀٽو مظلوم هئا. هن چيو ته فيصلو اهڙو هجڻ گهرجي جو آئنده ڪا به عدليه اهڙو ڪم نه ڪري، اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڌمڪي ڏني هئي ته توهان کي مثال بڻائي ڇڏينداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي نظر نه ٿي اچي، ائين ٿيو ته پوءِ ان خلاف آواز اٿاريندڙ پهريون شخص مان هوندس. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ مان نڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شڪر آهي جو شهيد ڀٽو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو، اسان کي انصاف جي اميد آهي.

Leave A Comment