شهيد ڀٽو ريفرنس: ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه ڌر بڻجي ويا: تاريخ ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي: سپريم ڪورٽ

جنوري 9, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهيءَ جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي، شهيد ڀٽو جو پوٽو جونيئر ذوالفقار ۽ پوٽِي فاطمه ڀٽو به ڪيس ۾ ڌُر بڻجي ويا، ٻڌڻي دوران عدالتي معاون مخدوم علي خان چيو ته مخصوص بئنچ جي تڪڙ ۾ انصاف جو قتل ٿيو، جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿِي ڀٽو ڪيس ۾ انصاف جو قتل ٿيو ته اُن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي، شهيد ذوالفقار ڀٽو کي 4 ٽي جي تناسب سان ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، بعد ۾ هڪ جج چيو ته هُن دٻاءُ تحت فيصلو ڏنو هو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراھي ۾ 9 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالتي معاون مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو تھ آئيني طور تي ھن عدالت وٽ ھن ريفرنس تي راءِ ڏيڻ کان علاوا ڪو بھ آپشن ناھي. جسٽس منصور علي شاھ چيو تھ ڇا عدالت ھڪ انٽرويو جي بنياد تي جاچ ڪري؟ ڇا اسان انٽرويو سان لاڳاپيل ماڻھن کي ھرائي انڪوائري شروع ڪريون؟ اسان صف ھڪ انٽرويو جي وڊيو ڏسي تھ نٿا چئي سگھون تھ ڇا ٿيو ھو. عدالت صرف قانوني سوالن تي راءِ ڏئي سگھي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ نظرثاني جو دائرا اختيار استعمال ٿي چڪو آھي. ھاڻي ڇا طريقيڪار بچيو آھي جيڪو ھن عدالت جو دائرا اختيار ھجي.؟ اسان ڪيئن ھن مشق ۾ پئون تھ بينچ آزاد نھ ھيو؟ جسٽس يحيٰ آفريدي چيو تھ ھڪ جج جي انٽرويو سان پوري عدالت متعلق اھو تاثر نٿو ڏئي سگھجي تھ تھ تڏھن عدالت آزاد نھ ھئي. ٻيا ججز بھ ھئا جن پنھنجا نوٽ لکيا ۽ اعتراض ڪيو. مخودم علي خان سيد شرف الدين پيرزادو جو خط پڙھي ٻڌايو تھ بدقمستي سان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي واپس نٿي ٿي سگھي. عدالت جي سامھون معامرو ھڪ داغ جو آھي. ذوالفقار علي ڀٽو کي چار ٽي جي تناسب سان ڦاسي جي سزا ڏني وئي. بعد ۾ ھڪ جج جي انٽرويو ۾ چيو ويو تھ مون دٻاءٌ ۾ اچي فيصلو ڪيو. جسٽس محمد علي مظھر چيو تھ جيڪڏھن ھن ڪيس ۾ عدالت ڪو اھڙو فيصلو ڪيو تھ ڇا پنھنجي ھر فيصلي خلاف ائين ئي ڪرڻو پوندو.؟ سپريم ڪورٽ جي جسس نسيم حسن شاھ ٽي وي انٽرويو 2011 ۾ ڏنو ويو. انٽرويو عدالتي ڪمري ۾ ھلايو ويو. چيف جسس چيو تھ ھن ڪيس کي الڳ رکي ھر فوجداري ڪيس ۾ جتي سياست شامل ھجي ۽ انصاف نھ ھجي تھ عدالت کي ٻيھر ڪيس ٻڌني گھرجي. ھن ڪيس ۾ ھڪ جج جو انٽريو آھي. باقي ڪيسن ۾ ٻيو ڪجھ موجود ھوندو. عدالت ھن وقت ھڪ شخص جي عزت ۽ تاريخ جي درستگي ڏسي رھي آھي. عدالت بھتر مثال قائم ڪرڻ چاھي ٿي. چيف جسٽس چيو تھ ھن ڪيس ۾ ھڪ جج جي راءِ کي نظر انداز نٿا ڪري سگھون. ڀٽو ڪيس ۾ بينچ جي تناسب اھڙو ھيو جو ھڪ جج جي راءِ بھ اھم آھي. ھڪ جج جي اڪثريتي ووٽ جي تناسب سان ھڪ شخص کي ڦاسي ڏني وئي. احمد رضا قصوري موقف اختيار ڪيو تھ جسٽس نسيم شاھ پنھنجي ڪتاب ۾ سمورو واقعو لکيو آھي، ڪتاب ۾ جيڪو لکيو ويو آھي جيڪڏھن ان تي دٻءٌ ھيو تھ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ھا. من کي بلاول ڀتو جي اضافي دستاويزن جي ڪاپي فراھم ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو تھ ڇا ھن ۾ سپريم ڪورٽ قصور وار آھي؟ يا پوءِ پراسيڪيوشن ۽ ھن وقت جي مارشلا ايڊمنسٽريٽر قصور وار آھي؟ جسٽس منصور علي شاھچيو تھ جيڪڏھن اڄ صدارت ريفرنس تي ڪيس جو نئين سر جائزو ورتو تھ سڀاڻي ڪو ٻيو صدر ڪنھن بھ ڪيس تي ريفرنس موڪليندو. اھو اصول طئي ٿي ويو تھ فيصلن جي آئيني حيثيت جا رھندي؟ جسٽس مسرت ھلالي چيو تھ اسان کي تاريخ درست ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھو ڪرو داغ صرف ھڪ خاندان تي ناھي ڪجھ ادرن تي بھ آھي.

Leave A Comment