| شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين ڏئي ايٽمي طاقت بڻايو: مراد علي شاهه |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي طرفان پيپلز پارٽي جي 58 هين يوم تاسيس جي تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پي پي ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم اين اي نظير ٻگهيو، وڏي وزير جي معاون خصوصي خيرمحمد شيخ، ليڊيز ونگ، سپاف، يوٿ ونگ، ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت جو مقابلو ڪندي اڄوڪي ڏينهن 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريبن، هارين، شاگردن، صحافين، ڏتڙيل طبقي جي رهنمائي ڪري هن ملڪ مان آمريت ختم ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ آزدانه چونڊون ٿيون جنهن ۾ پاڪستان جي عوام شهيد ڀٽو جي سڏ تي لبيڪ چئي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ جون پهريون وزيراعظم چونڊرايو جنهن کان پوءِ شهيد ڀٽو ملڪ کي طاقت ڏئي 1973ع وارو آئين ڏئي هڪ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جا ڪارناما سرانجام ڏنا. هن چيو ته شهيد ڀٽو کي هڪ آمر اقتدار تان لاٿو پر عوام پيپلز پارٽي جي پويان هيو جنهن ڪري شهيد ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد ڀٽو جي شهادت کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد بيگم نصرت ڀٽو ان جدوجهد کي اڳتي وڌائي ۽ پوري پاڪستان توڙي سنڌ جي ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 1988ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ آئي ان وقت به شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڊگهي جدوجهد ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به اسان کان الڳ ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي صدر زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڀالي اڳتي وڌايو، اهو ئي ڪارڻ آهي ته لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي عوام 2008ع کان پوءِ جيڪي به چونڊون ٿيون انهن ۾ عوام پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪري پهريان کان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽيون ڏياريون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان جو مستقبل، ملڪ جي غريبن جو آواز، نوجوانن ۽ هارين جو ضامن آهي، جيڪو اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، چيئرمين ايترا ڪارناما آهن جنهن مان هڪ ڪارنامو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهڻ آهي جيڪا