| شهيد ڀٽو چيو هو ته هو تاريخ ۾ زنده رهڻ ٿو چاهي: مراد شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته شهيد ڀٽو ٿوري عرصي ۾ عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا، ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو، ڀارت کان 90 هزار جنگي قيدين کي آزاد ڪرايو، ڀارت کان ٿر جي زمين آزاد ڪرائي، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، ڪالهه پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقارڀٽو شاگردي واري دور ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي خط لکي ملڪ جي خدمت جو واعدو ڪيو، هن پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو . هن چيو ته 1977ع ۾ شهيد ڀٽو خلاف نام نهاد تحريڪ هلائي وئي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني پي وئي، تڏهن سڄي دنيا کيس بچائڻ لاءِ تيار هئي پر شهيد ڀٽو چيو ته هو تاريخ ۾ زندهه رهڻ ٿو چاهي، فوجي آمر کيس ڦاسي ڏني پر ڀٽو اڄ به زنده آهي، شهيد راڻي شهيد ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو، تقريب کي صوبائي وزير سعيد غني، سينيٽر سيد وقار مهدي ۽ ٻين خطاب ڪيو.