شهيد ڀٽو ڪيس: آرڊر شيٽ موجب ڄڻ سول ڪيس هو، ضمير جنجهوڙيندڙ نقطا ٻڌايو: چيف جسٽس

فيبروري 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ڪيس متعلق صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اڳوڻي جج ۽ عدالتي معاون منظور ملڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان کي اھڙن ميجر پوائنٽس تي ٻڌڻ چاھيون ٿا جيڪي ضمير کي جنجھوريندڙ ھجن

جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ چيو گذارش آھي ته مون کي ائين ٻڌو وڃي جيئن اوھان 1978 ۾ اپيل ٻڌي رھيا آھيو، مون کي ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو اوھان کي ئي ڪرڻو آھي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراھيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ڪيس متعلق صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سپريم ڪورٽ ۾ موجود ھو

عدالتي معاون جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ دليل شروع ڪيا ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوھان کي ڪرمنل رخ تي ٻڌڻ چاھيون ٿا، عدالتي معاون جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ چيو ته پھريون ھڪ آئيني رخ آرٽيڪل 186 جي تشريح جو آھي

سندس چوڻ هو ته 6 فيبروري 1979 تي سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ ڀٽو خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شريڪ ملزم جي سزا برقرار رکي ھئي، احمد رضا قصوري جي درخواست تي ئي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، قتل جي پھرين جاچ بند ۽ ٻيھر شروع ڪيئن ٿي اھو اھم آھي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي تي ڪجھه نه چيو؟ عدالتي معاون جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ جواب ۾ چيو ته سپريم ڪرٽ صرف لکيو، ايف آءِ اي الڳ جاچ ڪئي، ھي صرف تعصب ناھي بدديانتي ھئي

هن چيو ته موت جي سزا واري ڪيس ۾ لازمي ناھي نه اپيل داخل ڪئي وڃي، اپيل نه به ھجي ته عدالت جي ذميواري آھي ته ملزم کي ٻڌو وڃي، شفيع الرحمان ٽربيونل ۾ احمد رضا قصوري به بيان ڏنو، احمد رضا قصوري چيو ته ڀٽو صاحب جو نالو ڏيڻ جو مقصد اھو نه ھو ته ھن پاڻ قتل ڪيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽو جا وڪيل پيش ٿيا ھئا؟ عدالتي معاون منظور ملڪ جواب ڏنو ته پھرين ٻڌڻي ھئي، اُن وقت ڀٽو جا وڪيل پيش نه ٿيا ھئا، قانوني عمل جي ڀڃڪڙي ٿي

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته مان آرڊر شيٽ ڏسي رھيو آھيان لڳي ٿو ته ڄڻ ڪو سول ڪيس ھو

جسٽس محمد علي مظھر چيو ته فرد جرم ته 11 آڪٽوبر تي لاڳو ڪيو ويو هو، جسس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته جيڪڏھن ڪنھن جي خلاف فرد جرم لاءِ مواد ناڪافي ھجي ته ڇا ٿيندو؟

عدالتي معاون جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ چيو ته اھڙي صورت ۾ ملزم بري ٿي ويندو، ڀٽو ڪيس ۾ فرد جرم به جوابدارن تي الڳ الڳ لاڳو ڪيو ويو. اصول کي نظر انداز ڪيو ويو ته جوابدار ھڪ کان وڌيڪ ھجن ته فرد جرم ھڪ ھوندو. پھرين ئي ڏينھن ذھن ٺاھيو ويو ته بس جوابدار اچي ويو ته ٽرائل ئي ڪرڻو آھي

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment