شوال جو چنڊ 19 مارچ تي نظر نه اچڻ جو امڪان

شوال جو چنڊ 19 مارچ تي نظر نه اچڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورورپورٽ) سپارڪو عيد الفطر جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي. سپارڪو موجب شوال جو چنڊ 19 مارچ 2026 تي صبح 6 لڳي 23 منٽن تي پيدا ٿيندو ۽ سج لٿي وقت چنڊ جي عمر تقريبن 12 ڪلاڪ 41 منٽ هوندي. پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ وچ ۾ تقريبن 28 منٽن جي فرق جو امڪان آهي. سپارڪو جو چوڻ آهي ته 19 مارچ جي شام شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن ۽ عيد 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.