تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*
جاپان مان نوان تجربا سکي پاڪستان اچي رهي آهيان: جنت مرزا
جنت مرزا ڏيهه واپسي جون تياريون ڪري ورتيون، نيون وڊيوز جاري

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هڪ ڪوڙ کان وڌيڪ مداحن جي دلين ۾ گهر ڪندڙ پاڪستان جي نمبر ون ٽڪ ٽاڪر اسٽار جنت مرزا جو چوڻ آهي ته هو جاپان مان مختلف تجربا کڻي پاڪستان اچي رهي آهي. وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڪوڙ کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ جنت ترازو ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي نئين وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو جاپان ۾ موجود لينڊ فل ڪمپيڪٽٽر هلائيندي نظراچي رهي آهي. هن وڊيو بابت لکيو ته مان جاپان مان نوان تجربا کڻي پاڪستان اچي رهي آهيان. ان کان اڳ جنت مرزا ٻي وڊيو شيئر ڪئي هئي. هن ٻڌايو هو ته جلد پاڪستان اچي رهي آهيان.

شنيرا جنسي استحصال خلاف آواز اٿاري ڇڏيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) وسيم اڪرم جي زال ۽ سماجي ڪارڪن شنيرا اڪرم پاڪستان ۾ ٻارن جي جنسي استحصال ۽ بدسلوڪي خلاف آواز اٿاري ڇڏيو آهي. شنيرا طرفان سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته سموري پاڪستان ۾ عام جاين تي جنسي استحصال ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اوهان عوام ۾ آهيو ۽ ڪو ٻيو اوهان کي بري نموني ڇهي ٿو ته اوهان کي ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي همت گهرجي. شنيرا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته جيڪڏهن اوهان اهڙي قسم جي ورتاءُ جو شڪار آهيو ته مان اوهان کي اجازت ڏيان ٿي ته اوهان ان پاسي آڱر کڻي زور سان دانهون ڪيو.

راحت فتح علي خان جو نئون گانو ”نشا“ رليز

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سرن جي سلطان استاد راحت فتح علي خان جو گانو نشا رليز ڪيو ويو آهي. پروڊيوسر سلمان احمد جو پروڊيوس ڪيل سپر هٽ رومانٽڪ گانو غم عاشقي کانپوءِ نشا به رليز ڪيو ويو. گيت جي ڪمپوزنگ نئين نسل کي پسند اچي رهي آهي.

ڪانيي ويسٽ چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي

نيو يارڪ (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪا جي 46هين صدر جي چونڊ لاءِ چونڊ ميدان ۾ لهندڙ آمريڪي ريپر ۽ ڳائڻي 43 ورهين جي ڪانيي ويسٽ چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کي تسليم ڪندڙ ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر ميدان ۾ لهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ڪانيي ويسٽ آزاد اميدوار طور صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو هو ۽ آمريڪا جي 50 مان 12 رياستن ۾ ئي ووٽ وٺڻ جو اهل بڻيو هو. واضح رهي ته ڪانيي جي زال ڪم ڪارڊيشيئن به پنهنجي مڙس کي ووٽ نه ڏنو هو.

بالي ووڊ 2 وڏا فنڪار هڪ ئي فلم ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار
دبنگ اداڪار سلمان خان ۽ ڪنگ خان شاهه رخ جلد نئين فلم ۾ گڏ جوهر ڏيکاريندا

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ماضي ۾ بالي ووڊ جي ڪيترين ئي مقبول فلمن ۾ گڏ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي فلم اسٽار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي گڏ نظر اچڻ وارا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ چل بل پانڊي جي نالي سا مشهور سلمان خان جي نئين پراجيڪٽ بابت ڪجهه خبرون سامهون آيون آهن ته ٻئي فنڪار هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن. شاهه رخ خان ۽ سلمان خان هيل تائين باضابطا طور تي پنهنجي نئين فلم بابت ڪنهن قسم جو اعلان ناهي ڪيو پر دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سندن فلم ۾ اداڪار جان ابراهم ولن جو ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته دپيڪا پڊوڪون فلم جي مرڪزي هيروئن هوندي. ميڊيا رپورٽس جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جي هن فلم جي حوالي سان اميد ڪئي پئي وڃي ته اداڪار نومبر جي آخر تائين فلم تي ڪم شروع ڪندا. ٻئي پاسي سلمان خان آخري ڀيرو شاهه رخ خان جي بلاڪ بسٽر فلم اوم شانتي اوم جي ٽائٽل گاني ۾ ساڻس گڏ نظر آيو هو.

عمير جي تصوير ڇو نه شيئر ڪئي؟ ثنا جاويد جي وضاحت

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ثنا جاويد پنهنجي مڱڻيجي پراڻي تصوير ته شيئر ڪئي پر پنهنجي مڙس عمير جسوال جي تصوير کي مداحن سان شيئر نه ڪيو پر ان جو سبب به هن مداحن کي ٻڌايو آهي. اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي مڱڻي جي پراڻي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو اڪيلي ويٺي آهي. پنهنجي پيغام ۾ ثنا جاويد جو چوڻ هو ته جنهن وقت هي تصوير ورتي وئيهئي ان وقت عمير جو سوٽ تيار نه ٿيو هو. اداارا جي اهڙي پيغام تي مداحن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.

منا طارق جي سالگرهه: عائشا خان کيس ياد ڪرڻ لڳي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري کي الوداع چوندڙ پاڪستان جي اڳوڻي اداڪارا عائشا خان جو پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چوڻ آهي ته کيس اداڪارا منا طارق جي ياد اچي هي آهي. سوشل ميڊيا تي گهٽ سگرم رهندڙ اڳوڻي اداڪارا عائشا خان سينيئ اداڪارا وبينا اشرف جي ڌيءَ منا طارق جي سالگرهه جي موقعي تي انسٽاگرام تي منا طارق سنا وتل تصوير شيئر ڪئي. عائشا خان پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ منا طارق سان مخاطب ٿيندي لکيو ته منهنجي منز کي سالگرهه جون واڌايون. اڳوڻي اداڪارا لکيو ته منهنجي هر ڳالهه سمجهڻ وار ي۽ خوش مزاج منا مان توسان محبت ڪريان ٿي.

انوشي اشرف جي وڏي خواهش پوري ٿي وئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ميزبان انوشي اشرف جي ترڪي وڃڻ جي زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش پوري ٿي وئي. ترڪي جي سير لاءِ ويل انوشِي اشرف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي من موهيندڙ تصويرون شيئر ڪري ترڪي سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي خواهش پوري ٿيڻ تي خوشي جو اظهر ڪيو.

منال خان جي نئين فوٽوشوٽ جون تصويرون مداحن ۾مقبول

ڪراچي(انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا منال خان جو نئون فوٽوشوٽ جاري ڪيو ويو آهي.اداڪاراهي فوٽوشوٽمشهور فوٽوگرافر ماها لاءِفوٽوشوٽڪرايو آهي جنهن ۾ اداڪارا گلابي رنگ جيشادي جي جوي ۾ نظر اچيرهي آهي. واضح رهي ته اداڪارا ڊراميجلن م اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

گوهر خان ٽڪ ٽاڪر زيد دربار سان مڱڻو ڪري ورتو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور ريئلٽي شوبگ باس 7 جي فاتح اداڪارا ۽ ماڊل گوهر خان مشهور ڀارتي ٽڪ ٽاڪر زيد دربار سان مڱڻو ڪري ورتو آهي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرلٿي ويون آهن. مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل گوهر خان مشهور ڀاتي ٽڪ ٽاڪر زيد دربار سان شادي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهڙيون خبرون ڪجهه وقت کان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون. گوهر خان سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي زيد دربار سان ورتل پنهنجي تصوير پوسٽ ڪئي آهي جنهن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻنهي مڱڻو ڪري ورتو آهي. گوهر خان اهڙي تصوير تي ڪيپشن ڏنو آهي ته ڇوڪري ها ڪري ڇڏي آهي.

فلم ۾ مڙس خلاف ريپ جو ڪيس ڪرائڻ جي ڪوشش ڏيکاڻ تي مصري هدايتڪار تي تنقيد
مڙسن طرفان زالن سان رضامندي کانسواءِ جنسي لاڳاپا رکڻ واري موضوع تي فلم کي گذريل مهيني پيش ڪيو ويو

قاهرا (دلچسپ نيوز) وچ اوڀر جي ملڪ مصر جي عورت فلمساز فرح شعر کي سندس مختصر فلم ۾ زال طرفان مڙس خلاف ريپ جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش کي ڏيکارڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. فرح شعير کي سهڻن موضوعن تي مختصر فلمون ٺاهڻ سبب شهرت مليل آهي. هن فلم اينڊ ٽي وي پراڊڪشن جي تعليم آمريڪا مان حاصل ڪئي. فرح شعير جي گهريلو تشدد ۽ مڙسن طرفان زالن سان رضامندي کانسواءِ جنسي لاڳاپا رکڻ واري موضوع تي ٺاهيل فلم شڪوي کي گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ هڪ عرب فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويو هو. ڄاڻايل فلم جي واکاڻ ڪئي پئي پر گهڻو ڪري عرب شوقينن طرفان هن فلم ۾ عرب سماج جي غلط عڪاسي ڪرڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. خابرو اداري موجب فرح شعير ٻڌايو ته فلم ۾ زال طرفان مڙس خلاف ريپ جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڏيکارڻ تي کيس سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. فلم ساز موجب گهڻو ڪري سوشل ميڊيا صارفين کيس سمجهايو ته مڙس طرفان زال سان جنسي لاڳاپا رکڻ سندن حق آهي، کڻي ان لاءِ زال رضامند هجي يا نه هجي. هن چيو ته ان جي خلاف گهڻو ڪري ماڻهن غلط ٻولي استعمال ڪئي ۽ ڄاڻايل موضوع تي فلمون ٺاهڻ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته فلم ۾ رضامندي کانسواءِ مڙس طرفان جنسي لاڳاپا رکڻ تي زال تنگ اچي پوليس ۾ شڪات داخل ڪرائڻ چاهي ٿي. شڪايت ٿاڻي پهچي ٿي ته پوليس طرفان کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته ائين ڪرڻ مڙس جو حق آهي ۽ اهو قانوني ڏوهه ناهي. فرح شعير موجب هن طرفان اهم سماجي مسئلي تي ٺاهيل فلم کي غلط رنگ ڏئي مهم هلائي وئي ۽ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

نيٺ ڪير کٽيندو؟ مهوش کي به آمريڪي صدارتي چونڊن جي ڳڻتي
آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ جو بائيڊن ۽ ڊونلٽ ٽرمپ وچ ۾ چوٽي جو مقابلو، ووٽن جي ڳڻپ جاري

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات به سموري دنيا جيان تجسس ۾ آهي ته 59هين آمريڪي صدارتي چونڊ ڪير کٽيندو ۽ ان حوالي سان هن پنهنجن مداحن کان سوال به ڪيا آهن. آمريڪي صدارتي چونڊن تي سموري دنيا جون نظرون آهن ۽ ماڻهو بي چين آهن ته ڪير کٽيندو. مهوش به ان ئي ڳڻتي ۾ آهي. مهوش حيات انسٽاگرام تي ٽرمپ ۽ بائيڊن جي صدارتي چونڊ مهم جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته جڏهن آمريڪا نڇ ڏئي ٿو ته سموري دنيا ۾ ٿڌ پئجي وڃي ٿي. مهوش حيات چيو ته هو دوستن وٽان اهو ڄاڻي ڊڄي وئي آهي ته آمريڪا جي وڏن علائقن ۾ شهري بدامني جي اميد ڪئي پئي وڃي. ائين لڳي ٿو ته رڳو اسنا ئي ناهيون جن جي دلچسپ اليڪشن تي اجارا داري آهي. مهوش پنهنجي مداحن کان سوال ڪيو ته ايندڙ چئن سالن لاءِ وائيش هائوس جي چاٻي ڪنهن جي هٿ ايندي؟ ان سان گڏ هن سوال ڪيو ته اوهان کي ڇا لڳي ٿو ته ڪير کٽيندو؟ مهوش جي سوال تي مداحن دلچسپ جواب ڏنا ڪنهن سوڀ جو بائيڊن جي نالي ڪئي ته ڪنهن وري ٽرمپ جي حمايت ڪئي. زينب نالي عورت لکيو ته ٽرمپ کٽيندو ڇو ته هو آمريڪا جو نواز شريف آهي. مان اميد ڪريان ٿي ته آمريڪا ۾ ٽرمپ جهڙو نه پر سٺو ليڊر اچي. ڪجهه ماڻهن چيو ته اسان جو ڪهڙو ڪم ڪير به کٽي. ٻئي لکيو ته پنهنجو ميڪ اپ سنڀاليو آمريڪا سنڀلجي ويندو.

ليجنڊ اداڪار شهباز خان دراني جي ورسي اڄ ملهائي ويندي

نيو سعيد آباد(ن پ ا) شوبز دنيا جي ليجنڊ شخصيت، سنڌي، اردو، پشتو، سرائيڪي ۽ انگريزي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ شهباز خان دراني جي ورثي اڄ پڙانگ هائوس لانڍي مخدوم جميل الزمان تي ملهائي ويندي. سندس پٽ ڪريم گل دراني موجب صبح جو قرآن خواني ٿيندي ان بعد خيرات جي ماني کارائي ويندي ان بعد تعزيتي ريفرنس ٿيندو جنهن ۾ سندس دوست شوبز سان تعلق رکندڙ شخصيتون شھباز دراني کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪنديون

شادي کانپوءِ زندگي ۾ تبديليون اچن ٿيون: سعديه امام

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪارا سعديه امام چيو آهي ته شادي کانپوءِ زندگي جي معمولات ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ ان ۾ توازن رکڻو پوي ٿو. هن چيو ته ان لاءِ فٽنيس ضروري آهي جنهن جو مان وڏو خيال رکندي آهيان.

ميوزڪ انڊسٽري جو مستقبل روشن آهي: عاصم اظهر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوان ۽ باصلاحيت ڳائڻي عاصم اظهر جو چوڻ آهي ته هو ملڪ ۾ ميوزڪ انڊسٽري جو مستقبل روشن ڏسي رهيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ پيغام شيئر ڪندي هن لکيو ته اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته جڏهن نوجوان نسل پنهنجي ميوزڪ وڊيو يا گانو شيئر ڪري ٿو. هن ماضي ياد ڪندي چيو ته 2012 ۾ موسيقي جي دنيا ۾ پير رکيو ته ان وقت گهٽ ماڻهو ان طرف ايندا هئا ۽ پنهنجي ميوزڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا هئا پر هاڻي اسنا وٽ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن پر انهن جي فورس بڻجي وئي آهي. اهو سٺو سنوڻ آهي اڄ ڪلهه گهڻا نوجوان هن پاسي اچي رهيا آهن.

ٽيڪس چوري جي الزام ۾ اسرائيلي سپر ماڊل کي سزا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اسرائيلي سپر ماڊل ۽ مشهور اداڪارا 35 ورهين جي بار رفائلي کي عدالت ٽيڪس چوري جو الزام ثابت ٿيڻ تي والده سميت سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. خابرو اداري موجب تل ابيب جي عدالت سپر ماڊل جي پلي بارگين جي درخواست قبول ڪندي کيس ٽيڪس ادائيگي کان بچن ۽ چوري جو الزام ثابت ٿيڻ تي 9 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي

جمائما جو برطانوي ۽ ايشيائي جوڙي جي شادي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو
عمران خان جي اڳوڻي زال پنهنجي لکيل فلم کي پروڊيوس ڪندي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) خبرون آهن ته وزيراعظم عمران خنا جي اڳوڻي زال ۽ برطانوي فلم ساز جمائما گولڊ اسمٿ جي لکيل رومانوي ڪاميڊي فلم تي جلد شوٽنگ شروع ڪئي ويندي. جمائما گولڊ اسمٿ جي لکيل رومانٽڪ ڪاميڊي فلم واٽس لو گوٽ تو ود اٽ جي شوٽنگ ايندڙ مهيني ٿيندي. جمائما ڄاڻايل فلم جي ڪهاڻي لکي آهي ۽ هو هن کي پروڊيوس به ڪندي جڏهن ته سندس فلم جون هديتون ڀارتي فلم ساز شيکر ڪپور ڏيندو جيڪو مسٽر انڊيا، معصوم دل سي، بنڊت ڪوئين، ايلزبٿ ۽ پيسيج جهڙيون فلمون ڪري چڪو آهي. شيڪر ڪپور هن فلم ذريعي 13 ورهين کانپوءِ فلم نگري ۾ واپسي ڪندو.

برٽني اسپيئرزوالدجي سرپرستي ختم ڪرائڻ جي خواهشمند

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي، اداڪارا، ڊانسر، سماجي اڳواڻ ۽ پروڊيسور 38 ورهين جي برٽني اسپيئرز آمريڪي عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته هاڻي سندس والد کي سندس سرپرستي ڪرڻ کان روڪيو وڃي. برٽني اسپيئرز جي والد جيمي اسپيئرز 2008ع کان سندس قانوني سرپرست آهي. آمريڪي عدالت 2008ع ۾ برٽني اسپيئرز جي ذهني حالت خراب هجڻ سبب قانون تحت سندس والد ۽ هڪ وڪيل کي سندس سرپرست مقرر ڪيو هو. عدالت ڳائڻي لاءِ قانون سرپرستن جي تقريري ان وقت ڪئي هئي جڏهن عدالت ڏٺو هو ته برٽني اسپيئرز پنهنجي مالي ۽ جسماني سميت ٻيا معاملا پاڻ نٿي سنڀالي سگهي ۽ ذهني حالت خراب ٿيڻ سبب هو پنهنجو چڱو ۽ برو نٿي سمجهي سگهي.