تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*
ڪرسٽوف تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو
اداڪارا اڊيل هينيل 55 سالن جي فلمساز تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو

ڪراچي (شوبز نيوز) فرانسيسي عدالت 55 سالن جي مشهور فلم ساز ڪرسٽوف روجيا تي نا بالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪري ڇڏيو. اڊيل هينيل فرانسيسي ويب سائيٽ ميڊيا پارٽ کي ٻڌايو هو ته فلم ساز کيس 2 ڏهاڪا اڳ 2002ع ۾ پهرين فلم جي شوٽنگ دوران جنسي هراسان ڪيو. اداڪارا موجب ان وقت سندس عمر 12 کان 15 سال هئي. اداڪارا 18 سال پراڻي واقعي جي رپورٽ پوليس کي داخل ڪرائي هئي. پيرس جي پوليس هدايتڪار خلاف جاچ شروع ڪئي هئي ۽ هاڻي عدالت 55 سالن جي فلمساز تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. خابروا داري رائيٽرز جي رپورٽ موجب پيرس جي پراسيڪيوٽر ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي ته فلم ساز ڪرسٽوف روجيا تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي.

اداڪار جيمز ميڪ ايوئي گرل فرينڊ سان شادي ڪري ورتي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) مشهور برطانوي اداڪار جيمز ميڪ ايوئي پنهنجي گرل فرينڊ سان ليزا لبراٽي سان ڳجهي نموني شادي ڪري ورتي.برطانوي ميڊيا موجب جيمز ميڪ ايوئي جي هڪ دوست ٻڌايو ته ٻنهي شادي خاموشي سان ڪئي آهي ۽ خبر کي ڳجهو رکيو ويو آهي. جيمز جي 2 سال اڳ فلاڊيلفيا ۾ فلم سپلٽ جي سيٽ تي ليزا سان پهرين ملاقات ٿي هئي جتي هو دائريڪٽر ايم نائيٽ شياملن جي پراڊڪشن اسسٽنٽ طور موجود هئي. جيمز ميڪ جو پنهنجي زال سان تڪرار پڻ هلي رهيو هو.

پروين شاڪر جي 67هين سالگرهه، گوگل ڊوڊل جي به ڀيٽا

ڪراچي (شوبز نيوز) محبت ۽ خوشبو جي شاعرا پروين شاڪر جي گذريل ڏينهن 67 هين سالگرهه ملهائي وئي.اردو جي مشهور شاعرا پروين شاڪر جي سالگرهه جي سلسلي ۾ سندس مداحن تقريبون منعقد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته مشهور سرچ انجڻ گوگل به پنهنجي ڊوڊل ذريعي پروين شاڪر کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. پروين شاڪر 24 نومبر 1952ع تي ڪراچي ۾ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿي. انگريزي ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري ماڻڻ کانپوءِ هو سول سروس آف پاڪستان ۾ اعليٰ عهدي تي فائز رهي.

منشا پاشا جبران ناصر جي هڪ خاص خوبي ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا منشا پاشا پنهنجي مڱيندي ۽ سماجي ڪارڪن جبران ناصر جو اهڙو راز ٻڌائي ڇڏيو آهي جنهن جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به خبر نه هئي، فلم “لال ڪبوتر” وسيلي پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ منشا پاشا سياسي ۽ سماجي ڪارڪن جبران ناصر سان منڱڻي جي خبرن جي ڪري ڪافي ڏينهن کان سوشل ميڊياتي ڇانيل آهي. ٻن مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي چونڊڻ به ماڻهن لاءِ ڪافي حيرانگي ۽ خوشي جو سبب هو اهو ئي سبب هو جو منشا ۽ جبران جي مڱڻي تي جتي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو اتي ماڻهن ٻنهي بابت هر ننڍي وڏي خبر ڄاڻڻ جي لاءِ به آتا هئا. تازو ئي انسٽاگرام تي “آسڪ منشا” سيشن دوران ماڻهن منشا پاشا کان ان جي زندگي بابت ڪيترائي سوال ڪيا. جن ۾ گھڻو ڪري سندس امڪاني مڙس ناصر جبران بابت هئا، هڪ صارف منشيا کان پڇيو ته ناصر جبران جي باري ۾ هڪ شيءِ ٻڌاءِ جيڪا اسان کي خبر نه هجي. منشيا ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته جبران ناصر برياني سٺي ٺاهيندو آهي. ماڻهن منشا پاشا کي منڱڻي جون واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته هو هڪ بهادر شخص سان شادي ڪري رهي آهي.

هم اسٽائيل ايوارڊز: ماهرا خان، احد رضا مير ۽ عائشا عمر ڇائنجي ويا
اسٽائيل ايوارڊز جي چوٿين سالياني تقريب ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي نجي ٽي وي چينل طرفان سالياني منعقد ڪيل هم اسٽائيل ايوارڊز جي چوٿين سالياني تقريب ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي. ايوارڊ تقريب جي ميزباني اداڪارا ۽ ماڊل آمنا شيخ ۽ عثمان مختيار ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ عروه حسين، سارا لورين ۽ زارا نور عباس سميت ٻين اداڪارائن جوهر ڏيکاريا. تقريب ۾ ڳائڻي ابرار الحق سميت ٻين اداڪارن ۽ ڳائڻن به پرفارمينس ڪئي ۽ مجموعي طور تي تقريب ۾ 21 ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ڏنا ويا. هم اسٽائيل جي وڏي ايوارڊ يعنيٰ بهترين فلمي اداڪار ۽ بهترين فلمي اداڪارا جا ايوارڊز احد رضا مير ۽ اداڪارا ماهرا خان کي ڏنا ويا. اهڙي ريت بهترين عورت ماڊل جو ايوارڊ زارا عابد ۽ بهترين مرد ماڊل جو ايوارڊ ايمل خان کي مليو. بهترين ٽي وي اداڪارا جو ايوارڊ سونيا حسين جڏهن ته بهترين ٽي وي اداڪار جو ايوارڊ ميڪال ذوالفقار کي ڏنو ويو. بهترين اسٽائلش اداڪار، فلم جي ڪيٽيگري لاءِ احد رضا مير، بهترين اسٽائلش اداڪارا، فلم، ماهرا خان، بهترين اسٽائلش اداڪارا فلم، ڪرن ملڪ، بهترين اسٽائلش اداڪار فلم، علي رحمان، بهترين اسٽائلش اداڪار ٽي وي، ميڪال ذوالفقار، بهترين اسٽائلش اداڪارا ٽي وي، سونيا حسين، ڊيزائينر آف دي ايئر، برائڊل، شهلا چهتور، اسٽائل آئيڪون آف دي ايئر، عائشه عمر، ريٽيل ليبل آف دي ايئر، کادي، بهترين اسٽائلش اسپورٽس شخصيت، حاجرا خان، ڊيزائنر آف دي ايئر مينز ويئر، اسماعيل فريد، ڊيزائنر آف دي ايئر، ڊيمي ڪوچر، ظهير عباس، ڊيزائنر آف دي ايئر، پريٽ سب لائن، سارا شاهد، ايڪسيلنس فيلڊ آف انٽيريئر ڊيزائن اينڊ فرنيچر، هائوس آف زن، ٽائم ليس بيوٽي، ريما خان، موسٽ اسٽائلش پرفارمر، عاصم اظهر، بهترين ماڊل، عورت، زارا عابد، بهترين ماڊل مرد، ايمل خان، ڊيزائنر آف دي ايئر، لان، زارا شاهجهان، فيشن فوٽوگرافر آف دي ايئر، علي حسن، هيئر اينڊ ميڪ اپ آرٽسٽ آف دي ايئر، قاسم لياقت، رائزنگ اسٽار 2018-2019ع، جو ايوارڊ حمزا خان باندي ۽ مشڪ ڪليم کي ڏنو ويو.

هالي ووڊ فلم “انچارٽرڊ” 18 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

نيو يارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار ٽام هولينڊ جي فلم “ان چارٽرڊ” ايندڙ سال 18 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي. امريڪي خابرو اداري موجب ڊين ٽريچٽن برگ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “ان چارتڊ” مشهور وڊيو گيم “انچارٽرڊ” مان ورتي وئي آهي جيڪا ناڻي جي ڳولا ۾ نڪتل ڪردار ناٿن ڊريڪ جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم ۾ ٽام هولينڊ ناٿن ڊريڪ جو مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو ۽ خطرن کي منهن ڏيندو.

مون اسلام کي نه پر اسلام منهنجي چونڊ ڪئي: جينيفر

لنڊن (شوبز نيوز) نئين مسلمان ٿيندڙ ڳائڻي جينيفر گرائوٽ جو چوڻ آهي ته هن اسلام کي نه پر اسلام کيس چونڊيو آهي. خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ هڪ انتهائي خاص ڳالهه آهي ۽ پنهنجي آواز کي ڪنهن طريقي سان استعمال ڪرڻ هڪ نعمت آهي. جينيفر جو چوڻ هو ته اسلام کان پهريان منهنجو ڪنهن به مذهب طرف لاڙو نه هو،. پر مون کي ايئن لڳندو هو ته مون اسلام کي نه پر اسلام مون کي چونڊيو آهي. ان جي لاءِ قرآن پاڪ کي سمجھڻ لاءِ هڪ استاد به رکيو آهي. ڇو ته ان کان اڳ مان گھڻو ڪري تلاوت ٻڌي ان جي ڪاپي ڪندي هيس. هڪ انسان ۽ مسلمان طور اسان جو ڪم پنهنجي باطن جي افزائش تي ڪم ڪرڻ آهي. رڳو خدا کي ڄاڻ آهي ته اسان حقيقت ۾ ڪيئن آهيون ان جي لاءِ مان ڪنهن جو به ظاهري حال ڏسي اهو فيصلو ناهيان ڪري سگھندي ته هو ڪيئن آهي؟ واضح رهي ته ڳائڻي جينيفر گروٽ يوٽيوب تي تلاوت جي وڊيو ڏاڍي مشهور ٿي هئي.

ايوشمان کرانا کي “جوڪر” جي هندي ورزن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ايوشمان کرانا فلم نگري ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃائي چڪو آهي. ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم بالا جي شوٽنگ ۾ پڻ رڌل آهي. اهي به امڪان آهن ته سندس مداح هن ڀيري کيس ناڪاري ڪردار ۾ ڏسندا. تازي انٽرويو ۾ ايوشمان کرانا چيو آهي ته کيس فلم جوڪر جي ديسي ورزن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق آهي ته جيئن هو ناڪاري ڪردار ادا ڪرڻ واري خواهش پوري ڪري سگهي. هن چيو ته مداحن کيس اڄ تائين ناڪاري ڪردار ۾ ناهي ڏٺو ۽ خواهش آهي ته ناڪاري ڪردار ادا ڪريان هن چيو ته جوڪر جو هندي ورزن کيس بهترين لڳندو. هن ٻڌايو ته فلم جوڪر جو ديسي ورزن ٺاهڻ لاءِ کيس اسڪرپٽ رائيٽر گهرجي ۽ ڊائريڪٽر گهرجي جنهن جو ذهن ساڳيو هجي.

گذريل سال سپورٽ ڪرڻ تي ميرا مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني سينيئر اداڪارا ميرا جي نئين سال انگريزي ٻولي ۾ هڪ خوبصورت پيغام جاري ڪيو آهي. نجي خابرو اداري موجب اداڪارا ميرا نئين سال تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي انگريزي ٻولي ۾ هڪ خوبصورت وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته هو پنهنجي مداحن جا ٿورا ادا ڪري ٿي جن سمورو سال کيس سپورٽ ڪيو ۽ سندس لاءِبهترين تبصرا ڪيا. ميرا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ سڀني چاهيندڙن کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. ميرا پنهنجي پوسٽ ۾ نئين سال بابت ڪجهه هيش ٽيگس جو به استعمال ڪيو جن ۾ ميرا جي ۽ هيپي نيو ييئر شامل آهن.

ڪم جي حوالي سان ڪڏهن رد ناهي ڪيو ويو: سنيتا مارشل

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل چيو آهي ته کيس ڪم جي حوالي سان ڪڏهن رد ناهي ڪيو ويو. اها ڳالهه هن هڪ انٽرويو ۾ چئي آهي. سنيتا مارشل چيو ته کيس پيسا ڪمائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي. ان لاءِ هن ايئرپورٽ تي نوڪري ۽ ماڊلنگ به ڪئي پر الله جو شڪر آهي جو کيس ڪڏهن به ڪم جي حوالي سان رد ناهي ڪيو ويو.

بلي آئلش جيمز بانڊ جي 25هين فلم لاءِ گانو ڳائيندي!
مشهور برطانوي ڳائڻي فلم “نو ٽائم ٽو ڊاءِ” لاءِ گانو تيار ڪندي

ڪراچي (شوبز نيوز) جڳ مشهور هالي ووڊ جاسوس برطانوي فلم “جيمز بانڊ” جي ايندڙ فلم لاءِ ڳائڻي بلي آئلش گانو تيار ڪندي. هو مشهور فلم لاءِ گانو تيار ڪندڙ پهرين ننڍي عمر واري اداڪارا هوندي. خابرو اداري رائيٽرز موجب بلي آئلش جيمز بانڊ جي 25هين فلم نو ٽائم ٽو ڊاءِ لاءِ گانو تيار ڪندي. بلي آئلش کان اڳ آسٽريلوي ڄائي برطانوي ڳائڻي اڊيلي به جيمز بانڊ جي فلم لاءِ ننڍي عمر ۾ گانو تيار ڪري چڪي آهي جڏهن ته بلي ان کان به وڌيڪ ننڍي عمر جي آهي. بلي آئلش هن فلم لاءِ گانو تيار ڪرڻ کي اعزاز قرار ڏيندي مداحن جا ٿورا به مڃيا آهن. ان کان اڳ اڊيلي 2012ع ۾ رليز ٿيل جيمز بانڊ جي فلم اسڪاءِ فال لاءِ گانو ڳايو هو ۽ آسڪر ماڻيو هو.

جواري جي گهراڻي جي ڪهاڻي تي ٻڌل ڊرامو”غلطي“
ڊراما سيريل ۾ زيتون بانو جو مڙس جوا ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڊراما سيريل غلطي ۽ دمسئه کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي. نجي ٽي وي اي آر وائي جي سينيئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ڊراما سيريلز بابت ٻڌايو آهي ته سيريل “غلطي” جي ڪهاڻي زيتون بانو جي ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي چوڌاري گهمي ٿي. زيتون جو مڙس جوا جي عادت سبب سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو. خراب حالتن تحت زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هن ڊرامي کي اسما ساياني لکيو آهي جڏهن ته هدايتڪار صبا حميد آهي. فنڪارن ۾ حرا سلمان، افعان وحيد، صبا حميد، نشا عسڪري، شهريار زيدي، صبا فيصل، نتاليا اويس ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي پاسي سيريل دمسئه هڪ اغوا ٿيل ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جنهن کي گداگر مافيا اغوا ڪيو آهي، هي هڪ ڏکاري ماءُ جي ڪهاڻي آهي ۽ هن ڊرامي کي اسما نبيل لکيو آهي جڏهن ته هدايتڪار ظفر بلگرامي آهي. فنڪارن ۾ شهود علوي، ناديا ۽ ٻيا شامل آهن. عائشه عالم، مومل شيخ، عصمت زيدي ۽ بيا فنڪار شامل آهن.

“سيڪريڊ گيمز سيزن 2” جي سيٽ تي سيف علي جي پٽ تعمور جي انٽري

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سيف علي خان اڄ ڪلهه ممبئي ۾ پنهنجي ويب سيريز “سيڪريڊ گيمز” جي سيزن 2 جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي. شودوران سيٽ تي سيف علي خان سان ملڻ لاءِ سندس پٽ لٽل اسٽار تعمور خان پهتو. بيحد مقبول اسٽار ڪڊ تعمور خان جي ان دوران ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. جنهن ۾ تعمور خان سيٽ تي مستي ڪندي نظر اچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي رکيل تصويرن ۾ سيف علي خان ج گيٽ اپ مان لڳي رهيو آهي ته ان وقت هو ڪو سنجيده شاٽ رڪارڊ ڪرائي رهيو هو. سيف علي خان کي سيڪريڊ گيمز جي پهرين سيزن ۾ وڏي مڃتا ملي هئي، جنهنڪري مداحن کي سيڪريڊ گيمز جي نئين ايندڙ سيزن جو به بي صبري سان انتظار آهي.

ڊوين جانسن سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙن ۾ پهريون نمبر

نيو يارڪ (شوبز نيوز) مشهور ريسلر ۽ هالي ووڊ اداڪار ڊوين جانسن عرف “دي راڪ” فوربس طرفان جاري ڪيل 2019 جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ هالي ووڊ اداڪارن جي لسٽ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. جانسن هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن جي ماليت 89.4 ملين ڊالرز آهي. 47 سالن جو اداڪار ۽ ريسلر “فاسٽ اينڊ فيورس” فرنچائيز جي فلم “هوبس اينڊ شائو” ۽ جمانجي دي نيڪسٽ ليول” جهڙين فلمن ذريعي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي. ٻئي پاسي دي راڪ جي انسٽاگرام تي فالوورز جو انگ 151 ملين تائين پهچي ويو آهي. امريڪي ميگزين فوربز طرفان جاري ڪيل هالي ووڊ اداڪارن جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ۾ ٻيو نمبر ڪرس هيمسورٿ جو آهي جنهن هلندڙ سال 76.4 ملين ڊالر ڪمايا آهن. واضح رهي ته ڊوين جانسن اداڪاري کان اڳ ريسلر پڻ رهي چڪو آهي، ريسلنگ جي وقت ۾ به ڊوين جانسن جا ڪيترائي مداح هئا.

سينيئر اداڪاره ناهيد شبير جو شادي بعد شوبز ڇڏڻ جو اعلان

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني سينئر ادڪاره ناهيد شبير شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي سان واسطو رکندڙ خوبصورت اداڪاره جو چوڻ آهي ته 2019 شادي جو سال ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد شوبز ڇڏي ڏينديس. هڪ انٽرويو دوران ناهيد شبير چيو ته کاڌو رڌڻ سان عشق آهي، اداڪاره نه هجان ها ته کاڌن جو هوٽل کوليان ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي آڇون ٿيون، پر پهرين اوليت ٽي وي ڊرامه ئي آهن، ان لاءِ فلم ڏانهن وڃڻ جو ناهي سوچو.

سينئر ادڪاره ناهيد شبير

سينئر ادڪاره ناهيد شبير

محسن ڪڪڙائي سنڌ جو سپوت ۽ هڪ عظيم انقلابي شاعرهو: تاج جويو
ميهڙ ۾ ادبي سنگت پاران محسن ڪڪڙائي جي 14 هين ورسي ملهائي وئي

ميهڙ (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محسن ڪڪڙائي جي 14 هين ورسي تقريب پاڪيزه هوٽل ميهڙ ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي نالي واري اديب تاج جويو، محمد علي پٺاڻ، جوهر بروهي، سيد محمد شاهه رضوي، آزاد انور ڪانڌڙو، خليل عارف سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ورسي تقريب ۾ ديدار دانش کوسو، امتياز عادل سومرو، صوفي راڳي فقير خالد حسين ڀٽي ۽ ٻين کي مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊ ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي تاج جويو، جوهر بروهي، محمد علي پٺاڻ، نالي واري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد خان شيخ چيو ته محسن ڪڪڙائي سنڌ جو سپوت ۽ هڪ عظيم انقلابي شاعرهو، هن سڄي زندگي ادب جي آبياري ڪئي، محسن ڪڪڙائي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.

پاڪستاني فلم “ڪيڪ” آسڪر  ڊوڙ مان ٻاهر

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) فلمي دنيا جي سڀ کان ناليواري ۽ اهم ايوارڊ آسڪر ڏيندڙ اداري پرڏيهي ٻولين جي ڪيٽيگرين سميت 9 مختلف ڪيٽيگرين جي فلمن کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو، پاڪستاني فلم پرڏيهي ٻولي واري ڪيٽيگري ۾ نه چونڊجي سگهي. پاڪستان جي آسڪر اڪيڊمي هلندڙ سال 18 سيپٽمبر تي فلم “ڪيڪ” کي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ اماڻيو هو. پاڪستاني فلم جو مقابلو دنيا جي 93 ملڪن جي فلمن سان هو. ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيائي، يورپي، آفريقي، ۽ وچ اوڀر ۽ آمريڪي ملڪن مان فلمون اماڻيون ويون هيون. جنهن ۾ رڳو پاڪستاني پر ڀارتي فلم به شارٽ لسٽ نه ٿي سگهي. آسڪر اڪيڊمي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ مجموعي طور 9 فلمن کي شارٽ لسٽ ڪيو، جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪ جي ڪا به فلم شامل ناهي.

پاڪستاني فلم “ڪيڪ”

پاڪستاني فلم “ڪيڪ”