تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*
اڄ مان جيڪا به آهيان پنهنجي مڙس جي ڪري آهيان: حرا ماني
اداڪارا پنهنجي مشهوريءَ جا موڙ مڙس ماني جي مٿي تي سجائي ڇڏيا

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا حرا مانيءَ پنهنجي مشهوريءَ جا موڙ پنهنجي مڙس سلمان شيخ عرف ماني جي مٿي تي سجائي ڇڏيا، سندس چوڻ هو ته اڄ هوءَ جيڪا به آهي پنهنجي مڙس جي ڪري آهي، حرا مانيءَ جو ڳاڻيٽو پاڪستان ڊراما انڊسٽري ۾ موجوده دور جي مشهور ترين اداڪارائن مان ٿيندو آهي. ڪامياب ڊرامي “دو بول” کان پوءِ هاڻي حرا ماني هڪ ٻئي ڊرامي “ميري پاس تم هو” ۾ هانيه نالي اسڪول ٽيچر جو ڪردار ادا ڪري آهي جيڪو ڪردار ماڻهن کي وڻيو آهي. هڪ وڊيو پيغام ۾ اداڪارا چيو ته مان هڪ سال اڳ هڪ معمولي ڇوڪري هيس ۽ گھريلو عورت هيس، مون کي پنهنجي مڙس سڃاڻپ ڏني ۽ ڏاڍي همت افزائي ڪئي، ان وقت مون کي هڪ شو جي آڇ ٿي هئي ۽ مون کي ڊپ ڏنا ويا ته مان اهو نه ڪري سگھنديس مون کي مڙس يقين ڏياريو ته تون سڀ ڪجھه ڪري سگھين ٿي.ان ڪري اڄ جيڪي ڪجھه آهيان پنهنجي مڙس جي ڪري آهيان.

بالي ووڊ فلم ”سانڊ ڪي آنک“ جي ڪمائي ۾ واڌ

ڪراچي (شوبز نيوز) هلندڙ هفتي رليز ٿيل ٽن فلمن مان فلم سانڊ ڪي آنک 1.25 ڪروڙ جو بزنس ڪري اڳڀري آهي. فلم هڪ ڏينهن اڳ اڌ ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا جنهن کي گهٽ سمجهيو پيو وڃي پر فلم اوچتو هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ڪمائي اڳڀري ٿي وئي آهي. شوقينن موجب فلم جي ڪمائي ۾ واڌ جو سبب ڏياري جو ڏڻ ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي فلم ميڊ ان چائنا ٻن ڏينهن ۾ 2 ڏهائي 78 ڪروڙ ڪمايا آهن جنهن جي ڀيٽ ۾ سانڊ ڪي آنک جي ڪمائي گهٽ سمجهي پئي وڃي.

منال خان موڪلون ملهائڻ لاءِ يورپ پهچي وئي

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪارا منال خان هن وقت موڪلون ملهائڻ جي لاءِ يورپ جي خوبصورت ملڪن جو سير ڪري رهي آهي. انسٽاگرام تي هن ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن. سفر جي شروعات هن بيلجيم جي گادي واري شهر برسلز کان ڪيو. جنهن کان پوءِ ايمسٽرڊيم، والنسيا، بارسلونا ۽ برلن جي خوبصورت جڳهين تي به سير تفريح جا مزا وٺندي رهي. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته منال خان يورپ جي مشهور هنڌن تي تمام گهڻي خوبصورت نظر اچي رهي آهي. مداحن به سندس تصويرن تي پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي. اداڪارا ايمن خان جي جاڙي ڀيڻ منال خان يورپ ۾ گذاريل يادگار لمحن جون تصويرون ۽ وڊيو مداحن سان شيئر ڪري رهي آهي. پنهنجي موڪلن جي حوالي سان اداڪارا منال خان تصويرون ۽ وڊيو مداحن سان شيئر ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جون ڀينرون ايمن ۽ منال پنهنجي ڪپڙن جا برانڊ متعارف ڪرائڻ جو سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اعلان ڪيو هو. جنهن کان پوءِ ٻنهي ڀينرن هڪ ليٽر شيئر ڪيو، ان ۾ هنن پنهنجي برانڊ کي اي ۽ ايم جو نالو ڏنو هو.

هميشه سٺي اسڪرپٽ کي ترجيح ڏني آهي: يمنيٰ زيدي

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا يمنيٰ زيدي چيو آهي ته هن هميشه سٺي اسڪرپٽ کي ترجيح ڏني آهي. خابرو اداري موجب هڪ انٽرويو دوران سندس چوڻ هو ته هو سٺي اداڪاري کي بهترين اسڪرپٽ سان واڳيل سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته اسڪرپٽ جيترو جاندار هوندو اداڪاري کي بهتر طريقي سان پيش ڪرڻ جا موقعا وڌيڪ هوندا. هڪ سوال تي هن چيو ته هو وڌيڪ دير پرڏيهه ۾ نٿي رهي سگهي. يمنيٰ زيدي ڊراما سيريل عشق زهي نصيب ۾ اداڪار زاهد احمد سان گڏ مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

”ميري پاس تم هو“: ليکڪ جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪريان: رحمت اجمل
سوشل ميڊيا تي ڊرامي ۽ فنڪارن تي تنقيد کانپوءِ رحمت اجمل خليل الرحمان جي نظرين کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو

ڪراچي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي هر ڏينهن ٽرينڊنگ ۾ رهندڙ ڊراما سيريل “ميري پاس تم هو” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ رحمت اجمل چيو آهي ته هو ليکڪ جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪري. انٽرنيٽ تي مقبول ٿيل رحمت هن ڊرامي ۾ عائشا نالي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا ڊرامي جي مرڪزي ڪردار دانش جي دوست بڻي آهي. ڊرامي توڙي اداڪارن جي اداڪاري کي پسند به ڪيو ويو آهي ۽ مٿن تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي. رحمت اجمل تنقيد ٿيڻ کانپوءِ خليل الرحمان قمر جي نظرين کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي اداڪارا لکيو ته مونکي خبر آهي ته فنڪار هجڻ جي حيثيت سان اسان جي سماجي ذميواري آهي ته اسان اهڙو مواد پروڊيوس ڪريون جنهن ذريعي هاڪاري پيغام ڏنو وڃي ۽ مان پنهنجي اهڙي ذميواري کي بي حد سنجيدگي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مونکي ڪيترن ئي ڏينهن کان اهڙا پيغام ملي رهيا آهن جن ۾ نفرت ڏياريندڙ جملا ۽ پريشانين جو اظهار ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو مان کليل نموني ڳالهائن جو فيصلو ڪيو. مان خليل الرحمان قمر جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪريان، مان خليل الرحمان قمر جو انٽرويو ٻڌو ۽ ڊرامي جي پڄاڻي کان اڳ مونکي ان جي پريشاني جوڳن خيالن جو اندازو ٿيو، مان اهڙي ڪنهن پراجيڪٽ جو حصو بڻجي فخر محسوس نٿي ڪريان جنهن جي ليکڪ جا نظريا اهڙا هجن. مان ۽ مون جهڙا ٻيا اداڪار خليل الرحمان قمر جي سوچ بابت ان وقت نه ڄاڻيندا هئا جڏهن اسان هن ڊرامي جي گڏجي شوٽنگ ڪئي، هن لکيو ته ماڻهو نون فنڪارن کي موقعو ڏين ته اهي سکي سگهن. هن کي ڊرامي جي مڪمل ڪهاڻي به خبر نه هئي، پراجيڪٽ ۾ منهنجو ڪردار هونئن به مختصر آهي، هي منهنجي ڪيريئر جو پهريون ٽي وي ڊرامو آهي ۽ مان هن وقت سکي رهي آهيان، مان هن پراجيڪٽ سان اهو به سکيو ته پنهنجي چونڊ کي لاءِ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.

”جيمز بانڊ“ جي 25هين فلم کي نيٺ نالو ملي ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي جاسوسي بابت مشهور فلم سيريز جيمز بانڊ جي 25هين فلم جي نالي جو نيٺ اعلان ڪيو ويو جنهن جي رليز جي نئين تاريخ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. فلم جي پروڊيوسرز سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته نئين فلم جو نالو “نو ٽائم ٽو ڊاءِ” رکيو ويو آهي جيڪا اپريل 2020 ۾رليز ٿيندي. پروڊيوسرز موجب فلم برطانيا ۾ 3 اپريل 2020 تي جڏهن ته امريڪا سميت سڄي دنيا ۾ 8 اپريل تي رليز ٿيندي. جيمز بانڊ جي 25هين فلم ۾ برطانوي اداڪار ڊينيئل ڪريگ هڪ ڀيرو ٻيهر جاسوس جو مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندو. خيال رهي ته ان کان اڳ رپورٽون هيون ته فلم هلندڙ سال نومبر ۾ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي پر شوٽنگ ۾ دير سبب ان کي ايندڙ سال رليز ڪيو پيو وڃي.

هاروي وائنسٽن ريپ ڪيس: ٽرائل لاءِ ججن جي چونڊ

ڪراچي (شوبز نيوز) 100 عورتن جي جنسي هراساني، جنسي استحصال ۽ ريپ جي الزامن تي ڪيسز کي منهن ڏيندڙ هالي ووڊ جي پروڊيوسر 67 سالن جي هاروي وائنسٽن خلاف ريپ جي اهم ترين ڪيس جو ٽرائل ڪرڻ لاءِ 12 رڪني ججن جي چونڊ ڪئي وئي. ججن جي چونڊ نيو يارڪ جي عدالت ڪئي ۽ ميمبرن ۾ 7 مرد ۽ 5 عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن واڌو ميمبرن جي پڻ چونڊ ڪئي وئي آهي. هاروي وائنسٽن عدالت ۾ الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن کانپوءِ عدالت جج چونڊڻ جو فيصلو ڪيو هو. هاروي وائنسٽن هاڻي ججن سامهون ان ڳالهه کي ثابت ڪندو ته سندس خلاف لڳايل الزام ڪوڙا هئا جيڪڏهن ثابت نه ڪري سگهيو ته کيس سزا ٻڌائي ويندي ۽ کيس گهٽ ۾ گهٽ 28 سال قيد جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي. عدالت 600 سياسي سماجي ۽ شوبز شخصيتن کي جج چونڊڻ لاءِ دعوت ڏني هئي جن ۾ جي جي حديد به شامل هئي پر جي جي حديد کي جج ناهي چونڊيو ويو.

هالي ووڊ اداڪار تي 12 عورتن طرفان جنسي تشدد جو الزام

نيو يارڪ (دلچسپ نيوز) فلمي دنيا جي معتبر ايوارڊ آسڪر سميت ٻيا ايوارڊ پنهنجي نانءِ ڪندڙ 51 سالن جي هالي ووڊ اداڪار ڪيوبا گڊنگ جونيئر تي گهٽ ۾ گهٽ 12 عورتن طرفان لڳايل ٿرڊ ڊگري جي جنسي هراسگي جي الزامن تحت ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي وئي. ڪيوبا گڊنگ جونيئر تي هلندڙ سال جون ۾ شروعاتي طور تي ڪجهه عورتون رضامندي کانسواءِ نائيٽ ڪلب ۾ جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ڪرايو هو. ان کانپوءِ ٻين عورتن به ٿرڊ ڊگري جنسي هراسگي جا الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته اداڪار کين به نائٽ ڪلبز ۽ ڊانس ڪلبز ۾ اڻ وڻندڙ انداز ۾ رضامندي کانسواءِ ڇهيو. ڪيوبا گڊنگ جونيئر تي جنسي هراسان جي الزامن تحت منهٽن جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي پر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. خابرو اداري رائيٽرز موجب ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ڊسمبر ۾ رکي وئي آهي.

عائزا خان پنهنجي نالي سان ڪوڙي اڪائونٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عائزا خان ٽوئٽر تي سندس نالي سان ٺاهيل جعلي اڪائونٽ بابت مداحن کي خبردار ڪري ڇڏيو. عائزا خان سوشل ميڊيا تي ٽوئٽر تي سندس نالي سان ٺاهيل ڪوڙِ اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته هو رڳو فيس بڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندي آهي سندس ٽوئٽر يا ٻئي ڪنهن سوشل ميڊيا تي ڪو اڪائونٽ نه آهي ان لاءِ مداحن به هن اڪائونٽ بابت محتاط رهن. واضح رهي ته فيس بڪ توڙي ٽوئٽر تي مشهور شخصيتن جا ڪيترائي ڪوڙا اڪائونٽ هلي رهيا آهن جڏهن هيڪرز طرفان ڪجهه شخصيتن جا اصل اڪائونٽس به هيڪ ٿيڻ جا واقعا به ٿي چڪا آهن جن ۾ مشهور ماڊلز ۽ اداڪارائون شامل آهن.

بهترين زندگي لاءِ طلاق واحد ذريعو هو: ارباز خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ارباز خان جو چوڻ آهي ته اسان سڀني جي بهترين زندگي لاءِ طلاق ئي واحد رستو هو. ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ارباز خان گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي ۽ ملائڪا اروڙا جي عليحدگي بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته زالمڙس لاءِ عليحدگي جو فيصلو ڪرڻ ان وقت ڏکيو ٿي وڃي ٿو جڏهن اوهان جو اولاد هجي پر جڏهن اهو رشتو اهڙي مقام تي اچي جو ٻنهي جو گڏ رهڻ ڏکيو ٿي وڃي ته فيصلو ڪرڻو ئي پوندو آهي. هن چيو ته جڏهن منهنجي ۽ ملائڪا طلاق ٿي ان وقت اسان جو پٽ ارحان 12 سالن جو هو. اسان جي اهڙي قدم جو اثر اسان جي پٽ تي پوي ها. اسان بهتري لاءِ اهو فيصلو ڪيو.

احد پاران ڊرامي ۾ ٺاهيل چانهه جي ترڪيب سندس ماءُ ٻڌائي ڇڏي
اداڪار احد رضا مير ڊرامي “عهدِ وفا” ۾ چانهه ٺاهيندي نظر آيو

ڪراچي (شوبز نيوز) احد رضا مير جي ماءُ سوشل ميڊيا تي مداحن لاءِ احد جي پسنديده هاءِ اوڪٽين ٽي جي ترڪيب شيئر ڪري ڇڏي. مشهور ڊرامي، عهد وفا ۾ احد چانهه ٺاهي ٿو ۽ ان کي هاءِ اوڪٽين ٽي جو نالو ڏئي ٿو جنهن جي ترڪيب ڄاڻن لاءِ سوشل ميڊيا صارفين بي چين هئا جڏهن ته احد جي ماءُ چانهه جي ترڪيب شيئر ڪري مداحن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي. احد جي تصوير شيئر ڪندي احد جي ماءُ ڪيپشن ۾ چانهه جي ترڪيب ٻڌائي. احمد موجب هي چانهه پيئندش هاءِ الرٽ ٿي وڃي ٿو. اداڪار احد رضا مير جي ماءُ ۽ مشهور هدايتڪار آصف رضا مير جي زال انسٽاگرام تي سرگرم رهندي آهي.

سائرا شهروز جي ڊانس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل
سائرا شهروز مڙس کان عليحدگي سبب خبرن جي زينت بڻيل

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سائرا شهروز اڄ ڪلهه مڙس شهروز سبزواري کان عليحدگي سبب خبرن ۾ آهي. گذريل ڏينهن انٽرنيٽ تي سندس هڪ ڊانس وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ڀيڻ هيئر اسٽائلسٽ پلوشا يوسف سان هڪ شادي جي تقريب ۾ رقص ڪندي نظر اچي رهي آهي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ سائرا شهروز کي ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريل آهي ۽ ڀارتي پنجابي گاني ميري ممي نون پسند نئين تون تي رقص ڪندي نظر اچي رهي آهي. وڊيو تانيا مرزا ۽ طلال جي شادي دوران ٺاهي وئي. سائرا جو لباس ٽينا دراني فيشن هائوس جو تيار ڪيل آهي. فيشن برانڊ طرفان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سائرا جي ڊانس وڊيو به شيئر ڪئي وئي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي.

اسٽرنگز جي البم 30 جو نئون گانو مقبول ٿي ويو

ڪراچي (شوبز نيوز)پاڪستان جي معروف بينڊ اسٽرنگز جي نئين البم ”30“ جو هڪ ٻيو گانو رليز ٿيو آهي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. نينا گاني جي شاعري انور مقصود ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪجهه شعر امير خسرو جا به شامل آهن جنهن کي جديد موسيقي ڏني وئي آهي، اسٽرنگز جي سمورن گيتن ۾ فيصل ڪپاڊيا گلوڪاري ڪئي آهي جڏهن ته نينا گيت ۾ فيصل ڪپاڊيا سان گڏ گلوڪارا موهاپترا جو به آواز شامل آهي. گانو ترڪي جي شهر استنبول ۾ سهيل جاويد شوٽ ڪيو. وڊيو ۾ ٻن گلوڪارن جو هڪ يادگار سفر ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ گٽارسٽ بلال مقصود به نظر اچي رهيو آهي.

شوبز ۾ اچڻ جو شوق نه هو پيسا ڪمائڻ لاءِ آيس: حنا الطاف

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره حنا الطاف انڪشاف ڪيو آهي ته هو شوبز ۾ پيسا ڪمائڻ لاءِ آئي آهي. نجي ٽي وي تي ڳالهائيندي حنا الطاف چيو ته شوبز ۾ اچڻ اداڪاري جو شوق نه پر پيسو ڪمائڻ هو ۽ پنهنجي ملازمت وڊيو جي هئي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڳائڻو عاصم پسند آهي.

سونم ڪپور کي به سياري جي مند پسند آهي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سياري جي موسم کي پسنديده موسم قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير جاري ڪندي چيو ته سردين ۾ نڪ ٿڌو ٿيڻ، گرم جرسي ۽ گرم چاڪليٽ پيئڻ سبب سياري جي موسم تمام گهڻي پسند آهي. تصوير ۾ ٿڌ سبب سونم ڪپور جو نڪ ڳاڙهو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽ ۽ ڳلي ۾ اسڪارف ۽ چشمو پاتل اٿس. سونم ڪپور فلم “ اِڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” ۾ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور ۽ جوهي چاولا سان گڏ نظر ايندي.

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

اڏندڙ هاٿي ماڻهن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو،”ڊمبو“جو باڪس آفيس تي راڄ
”ڊمبو“3ڏينهن۾45ملين ڊالر ڪمائي باڪس آفيس تي قبضو ڄمايو،خوفناڪ فلمUS جو ٻيو نمبر

نيويارڪ (شوبز نيوز) سرڪس جي اڏندڙ هاٿي شوقينن کي پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيو آهي، فلم “ڊمبو” 4 ڪروڙ 50 لک ڊالر جو بزنس ڪري باڪس آفيس تي ڇانئجي وئي آهي. هدايتڪار برٽن جي فينٽاسي ايڊوينچر فلم “ڊمبو” ايندي ئي سينيما گهرن تي ڇانئجي وئي آهي. سرڪس جي اڏندڙ هاٿي 3 ڏينهن ۾ 45 ملين ڊالر يعٰني 6 ارب کان وڌيڪ ڪمائي باڪس آفيس تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. ڊزني ڪارٽون ڪلاسڪ دنيا ۾ گڏيل طور 71 ملين ڊالر يعٰني 10 ارب رپيا ڪمايا آهن، جڏهن ته گذريل هفتي ريلز ٿيل خوفناڪ فلم “US” پوڻا پنج ارب رپيا ڪمائي ٻئي نمبر تي رهي. ڊزني جي “ڪيپٽن مارول” چوٿين هفتي به باڪس آفيس تي موجود آهي، هن هفتي فلم 20 ملين ڊالر يعني 2 ارب 81 ڪروڙ ڪمايا آهن. دنيا ۾ فلم جو بزنس 9 سئو 90 ملين ڊالر يعٰني هڪ کرب 39 ڪروڙ رپيا ٿي ويا، ايندڙ هفتي “ڪيپٽن مارول” بلين ڊالر ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ فلم بڻجي ويندي.

پرنيتي ۽ اڪشي جي ”ڪيسري“ جي جهلڪ جاري

    ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا جي فلم ”ڪيسري“ جي ڪردار جون پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀاتي ميڊيا موجب اداڪاره پرنيتي چوپڙا ٽوئيٽر تي فلم ”ڪيسري“ جي پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري ڪندي چيو ته ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اداڪار اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ انوراگ باسو جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته فلمي شوقين ايندڙ سال 21 مارچ تي اها فلم ڏسڻ نه وساريندا. فلم جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرنيتي چوپڙا پنجاب جي ناري ۽ اڪشي سک جنگجو جو ڪردار نڀائي رهيا آهن.  

پرنيتي ۽ اڪشي جي فلم ”ڪيسري“ جو پوسٽر

پرنيتي ۽ اڪشي جي فلم ”ڪيسري“ جو پوسٽر