| شيخ اياز جي ورسيءَ تي ميلو لڳڻ گھرجي، وڏي تقريب نه ٿيڻ افسوس جوڳو آهي: اديب/دانشور |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) سنڌ جي مها، ڪوي شيخ اياز جي 28 هين ورسي ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڪپ تي ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين ڀٽ شاھ پھچي شيخ اياز جي آخري آرام گاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي. شيخ اياز يادگار ڪميٽي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي طرفان به مزار تي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي. ورسي تقريب ۾ اديبن شاعرن تاج جويو، نصير مرزا، قاضي خادم، گل حسن لاکو، گل حسن گل، موهن مدهوش، حبيب سنائي، ديوان گاگن داس، نياز پنهور، صديق لاکو، نور سنڌي، لطيف ڏنو ياد، سرفراز لغاري، فقير محمد اسماعيل ميرجت، پروفيسر نياز حسين ميمڻ ،ڊاڪٽر اسحاق سميجو، نثار احمد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪري شيخ اياز کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آخري آرام گاهه جي ڀرسان منعقد ڪيل تقريب جي موقعي تي فنڪارن جنسار علي ۽ سنسار علي سميت ٻين پاران شيخ اياز کي سندس شاعري ذريعي قومي گيت پيش ڪري ڀيٽا پڻ ڏني وئي. محفل ۽ تقريب دير تائين جاري رهي، شيخ اياز جي مزار تي پهتل اديبن دانشورن تاج جويو، نصير مرزا، موهن مدهوش، حبيب سنائي، ديوان گاگن داس ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ شيخ اياز سنڌ جو ٻيو وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعري ذريعي نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ڪيو، ان جي شاعري ۾ انقلاب شامل آهي پنهنجي وقت ۾ شيخ اياز کان نوجوانن تمام گهڻي سکيا به حاصل ڪئي. اڄ ان جي ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھ جي ڪراڙ ڪنڌي تي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون اڳواڻن جو چوڻ هو ته شيخ اياز جي ورسي ۾ اديبن جي گهٽ شرڪت توڙي وڏي پئماني تي تقريب نه ٿيڻ تي افسوس آهي، شيخ اياز جي مزار ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڪپ تي آهي جتي ورسي جي موقعي تي ميلو لڳڻ گهرجي ۽ ڀٽ شاھ ۾ شيخ اياز جي ورسي کي حڪومتي سطح تي وڏي پئماني تي ملهائڻ جي ضرورت آهي. ٻي پاسي مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران شيخ اياز جي مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري رهيو. شيخ اياز جي ورسي جي موقعي تي ٽن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي ، جن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم طرفان يادن جي لکيل ڪتاب ”سرهاڻ“، عدل سومرو جي ڪتاب ”ڪارونجھر کي جيئن مون ڏٺو“ ۽ سوز هالائيءَ جي لکيل ڪتاب ”سڀ ۾ تون پاڻ“ جو مهورت به ٿيو.