شيخ حسينه جي اڄ دهلي ۾ تقرير، بنگلاديش ۾ نشر ڪرڻ تي پابندي

شيخ حسينه جي اڄ دهلي ۾ تقرير، بنگلاديش ۾ نشر ڪرڻ تي پابندي

نئين دهلي (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي نئين دهلي ۾ هڪ تقريب اڄ ٿي رهي آهي جنهن تي بنگلاديش جي حڪومت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. تقريب کي شيخ حسينه خطاب ڪندي. تقريب کي ‘شيخ حسينه جي گهر واپسي’ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن ۽ عوامي ليگ جي اڳواڻن جي شرڪت جي اميد آهي. بنگلاديش حڪومت ملڪ جي ميڊيا کي خبردار ڪيو آهي ته هن تقرير کان اڳ شيخ حسينه جي بيانن تي خبرون شايع نه ڪن. ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم طارق رحمان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر زاهد الرحمان چيو ته شيخ حسينه بابت خبرون شايع ڪرڻ کي عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو ۽ اسين انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين جيڪي ائين ڪندا آهن. بنگلاديشي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن شيخ حسينا بابت پنهنجي خدشن کي ڀارتي حڪومت تائين پهچايو آهي. ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن جو شيخ حسينا جي متوقع تقرير سان ڪو به تعلق ناهي.