شيخ حسينه واجد کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد جي سزا
جُولاءِ 2, 2025
ڍاڪا (پنهنجي ڊيسڪ)بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل (آءِ سي ٽي) حسينه واجد کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ مجرم قرار ڏيندي سزا ٻڌائي آهي. هڪ بنگلاديشي اخبار موجب ٽربيونل اهو فيصلو اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه خلاف مبينا آڊيو ليڪ ڪيس ۾ ڏنو آهي.
مبينا آڊيو ليڪ ۾ شيخ حسينه هڪ مقامي اڳواڻ کي چيو ته منهنجي خلاف 227 ڪيس آهن، مون کي 227 ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس ڏنو ويو آهي.
عدالت کيس 6 مهينا قيد ۽ شڪيل بلبل کي 2 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي، بيان کي عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت ۽ عدالت جي توهين قرار ڏنو ويو آهي.
جڏهن ته اهي سزائون تڏهن لاڳو ڪيون وينديون جڏهن ٻئي مجرم پاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪندا يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گرفتار ڪيا ويندا.