شيخ حسينه ۽ اسد زمان انسانيت جا ڏوهاري حوالي ڪيو: بنگلاديش جو ڀارت کان مطالبو

شيخ حسينه ۽ اسد زمان انسانيت جا ڏوهاري حوالي ڪيو: بنگلاديش جو ڀارت کان مطالبو

ڍاڪا: بنگلاديش جي حڪومت انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل جي فيصلي کان پوءِ ڀارت کان شيخ حسينه واجد جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت هڪ پريس رليز ۾ چيو ته انٽرنيشنل ڪرمنل ٽربيونل جي فيصلي ۾ مفرور شيخ حسينه ۽ اسد الزمان خان ڪمال کي جولاءِ ۾ ٿيل قتلن جي ڏوهه ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي ۽ سزا ڏني وئي آهي. ڪنهن به ٻئي ملڪ لاءِ انسانيت خلاف ڏوهن جي ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ غير دوستاڻو ۽ انصاف جي توهين هوندي. بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت چيو ته اسان هندستاني حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته ٻنهي ڏوهارين کي فوري طور تي بنگلاديشي اختيارين جي حوالي ڪري. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حوالگي جي معاهدي جي مطابق انهن اڳواڻن جي حوالگي کي يقيني بڻائڻ هندستان جي ذميواري آهي.