شيخ رشيد، زرتاج گل سوڌو 69 اڳواڻن تي 9مئي ڪيسن ۾فرد جرم لڳڻ جو امڪان

اپريل 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 مئي جي ڪيسن ۾ شيخ رشيد، راشد شفيق، اجمل صابر، زرتاج گل سميت 69 جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراھم ڪيون ويون، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان آھي

اسلام آباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، زرتاج گل، صداقت عباسي پنھنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کي چالان جون ڪاپيون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٽنھي ڪيسن جي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment