شيخ رشيد جي رهائش گاهه لال حويلي خالي ڪرائي سيل: فيصلو چيلينج

سيپٽمبر 21, 2023

راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ)راولپنڊيءَ ۾ شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي خالي ڪرائي سيل ڪئي وئي، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ لال حويلي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو

بورڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان موجب شيخ رشيد ۽ شيخ صديق لال حويلي بابت ڪو مستند دستاويز پيش نه ڪري سگهيا، شيخ رشيد ۽ سندس وڪيل دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ بار بار  مهلت گهرندا رهيا

سندس چوڻ هو ته شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ ملڪيت تي غيرقانوني طور قابض آهن، لال حويلي ۽ دم دما مندر اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ملڪيت آهن

 لال حويلي سيل ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جي چيئرمين ڪيو، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي فيصلي جي روشني ۾آپريشن ڪيو ويو

ٻئي طرف لال حويلي سيل ڪرڻ جو  فيصلو  لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، لال حويلي جي ملڪيتي دعويدار شيخ صديق  طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ڪارروائي  شيخ رشيد خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي جو حصو آهي

 لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي مقرر ڪئي وئي، درخواست گذار طرفان  لال حويلي جا 7 يونٽس ڊي سيل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

Leave A Comment