شيخ رشيد کي مائٽن سان ملڻ ڇو نٿا ڏيو؟اڊيالا جيل سپرنٽينڊنت کي نوٽيس

جنوري 24, 2024

راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ويجهن مائٽن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنت کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي

 9  مئي سانحي بابت داخل 12 ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ٻڌڻي ڪئي

عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي 26 جنوري تي جواب سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود جوابدار جي مائٽن سان ملاقات ڇو نٿا ڪرايو؟

شيخ رشيد احمد جي طبيعت خراب هجڻ بابت به عدالت کي آگاهه ڪيو ويو جنهن کان پوءِ عدالت جيل انتظاميه کي شيخ رشيد جو طبي معائنو ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي

ٻڌڻي دوران سرڪاري پراسيڪيوٽر پيش نه ٿيا ۽ پوليس رڪارڊ به پاڻ سان گڏ نه آندو. جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 2 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ طلب ڪري ورتو

Leave A Comment