شيخ رشيد کي مارڻو آهي، ٽاسڪ 3 ماڻهن حوالي

مَي 31, 2023

راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) شيخ رشيد کي مارڻ جو ٽاسڪ 3 ماڻهن کي ڏنو ويو آهي، شيخ رشيد چيف جسٽس آف پاڪستان کان تحفظ جي اپيل ڪئي آهي

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد وڊيو بيان جاري ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي

شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس صاحب ! آئون پهريون ڀيرو اوهان کي اپيل ڪري رهيو آهيان، مون کي مارڻ لاءِ ٽن ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي

شيخ رشيد چيو ته آئون زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهيان، اهڙي صورتحال ۾ اوهان سان مخاطب آهيان

هن چيو ته آئون 190ملين پائونڊ واري ايجنڊا ۾ موجود ئي نه هيس چاهي ڪجهه به ٿي وڃي مان ڪوڙي شاهدي نه ڏيندس

شيخ رشيد چيو ته ملازمن کي کنڀي نا معلوم هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي، اسان جي گهرن کي ٽوڙيو پيو وڃي، منهنجي والده کي وفات ٿئي 30 سال ٿي ويا آهن ان جي گهر ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي

هن چيو ته 70-80 ماڻهو رينجرز، پوليس جي وردي ۽ سادن ڪپڙن ۾ هئا، جيڪي گاڏيون به ڪاهي ويا ۽ سامان به کڻي ويا آهن

شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني نه هوندي ته پوءِ پاڪستان ۾ عام  ماڻهو ڪيئن زندگي گذاريندو .

Leave A Comment