اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ تحريڪ انصاف جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن
شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، اعظم سواتي، فرخ حبيب، علي امين گنڊاپور، عون عباس بپي، زرتاج گل ۽ علي محمد خان جا پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ به منسوخ ڪيو ويو آهي حڪومت ان کان اڳ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي 80 اڳواڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري چڪي آهي