شيخ ڀرڪيو(ن پ و) شيخ ڀرڪيو ويجهو نينگري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، وارثن زيادتي بعد قتل جو شڪ ڏيکاري ڇڏيو آهي
ڳوٺ قائم ٻٻر ۾ وڻ ۾ ٽنگيل 13ورهين جي نينگري جو لاش هٿ آيو، اطلاع ملڻ تي پٻڻ پوليس ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا
پوليس لاش کي هيٺ لاهي، پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي جڏهن ته وارثن شڪ ڏيکاريو آهي ته نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آھي
ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء وڃي رهيا آھيون، رپورٽ اچڻ بعد واقعي جي اصل خبر پوندي