شيخ ڀرڪيو ( ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ويجهو ڳوٺ قائم ٻٻر ۾ پنج ورهين جي نينگر محمد علي گٽر نالي ۾ ڪري پيو
ڳولا بعد وارثن هٿ ڪري ورتو. وارثن ٻڌايو ته نينگر ڪالهه کان گم هو، ڳولا ڪرڻ بعد لاش گٽر نالي مان مليو آهي
هنن چيو ته نينگر راند ڪندي گٽر جي نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو آهي، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو