شيخ ڀرڪيو ۾ ديويا جو مبينا آپگهات، لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو

جُون 6, 2023

شيخ ڀرڪيو ( ن پ و) شيخ ڀرڪيو ويجهو عورت مڙس سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارث بنا پوسٽ مارٽم لاش کڻائي ويا

ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو ۾ ديويا ڀيل مڙس کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي داڪٽرن عورت جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي

آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش مائٽ بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ٽنڊي الهيار کڻائي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته ديويا جي مائٽن سندس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٿاڻي تي به اطلاع نه ڏنو آهي ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment