لاڙڪاڻو/ٺٽو/سجاول (پنهنجي ڊيسڪ) پ پ قيادت طرفان سنڌ ۾ مڪاني ادران لاءِ ميئرن ۽ چيئرمينن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، شيخ ۽ سومرا لاڙڪاڻي جي ميئرشپ ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا جڏهن ته شيرازي ڀائر ۽ ارباب وزير ميمڻ به آئوٽ ٿي ويا
پ پ سنڌ جي صدر پاران اميدوارن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون نظرانداز ڪيون ويون لاڙڪاڻي ۾ ميئر لاءِ خيرمحمد شيخ، جميل سومرو جو ڀاءُ منير احمد سومرو، شفيق احمد چانڊيو سميت ٻيا ڪيترائي اميدوار ٻاهر ٿي ويا آهن
جڏهن ته چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاءِ عامر زيب جتوئي، سليم جتوئي، بلند جوڻيجو ۽ ٻيا به ڪيترائي اميدوار پڻ هئا، جن کي مايوسي نصيب ٿي آهي
سجاول ضلعي جون ٻه اهم شخصيتون پ پ جو جهونو اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم شفقت شاهه شيرازي اميدوارن جي لسٽ مان خارج ڪيا ويا
ان حوالي سان پ پ جي جهوني اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جو بنيادي ورڪر آهيان زندگي جا 55 سال پ پ کي ڏنا آهن ڏکن سکن ۾ گڏ رهي جيلن جون اذيتون سٺيون ۽ اڄ تائين ثابت قدم رهيو آهيان
سندس چوڻ هو ضلعي ڪائونسل سجاول جي چئرمين جو اميدوار هوس پارٽي قيادت کي آگاه ڪيو هو پر جيڪو پارٽي قيادت فيصلو ڪيو آهي ان جو پابند آهيان شهيد ڀٽو جو سياسي شاگرد آهيان چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هر فيصلو قبول آهي