تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

شيرا منھنجو دوست … مجاھد لغاري

منھنجي جگري دوست شير محمد عرف شيرا جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي ڏاڍو دلبر شخص آھي بس سندس قسمت ۾ ٿورو رولو اٿس جنھن ڪم ۾ دلبر ھٿ وڌو اھا ٺھڻ بدران بگڙي وئي پڙھائي کي چھٽو ته ٽي دفعا ڪوشش باوجود ميٽرڪ پاس نه ڪري سگھيو جنھن جو جواب دوست وٽ اھو آھي ته ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر جا ھڪ دفعو پئسا چورايا ھيم جنھن جي سزا طور ھن بورڊ وارن کي چئي ٽي دفعا ھن کي فيل ڪرايو حالانڪه دلبر پنجون به ٽئين ڪوشش ۾ پاس ڪيو هو ان اسڪول ۾ ته اھو ھيڊماستر نه ھو باقي گھڻو يار کي ڏٺو ڪونه ڪبو وري پڻس مينھون چارڻ جي ڊيوٽي ڏنس ته پھرين ئي ڏينھن کائنس مينھون ڀڄي ويون جيڪي ٽن ڪلاڪن جي محنت کان پوءِ وڃي مليون پڻس جٺ ڪيس ته ڪاوڙجي گھر ڇڏي ھليو ويو ماڻس گھڻو ئي روڪيو پر نه رڪيو ڪجھه دير کان پوءِ جڏھن بک لڳس ته گھر جو رستو ورتائين پر پڻس دروازي تي روڪي ورتو چيائين پھرين مڳي ڪري گھر ڇڏئي ھاڻي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندس ماڻس گھڻيون ئي منٿون ڪيون پر پڻس ڳالهھ نه مڃي بس پوءِ دلبر کي ماني دروازي تي ئي ملي ۽ ھڪ رات دروازي تي ئي سمھڻو پيو پوءِ نيٺ وڃي پڻس گھر اچڻ ڏنو.
ھر ڪم ۾ فيل ٿيڻ کانپوءِ يار کي وڃي عشق جو ڌڪ لڳو ڇوڪري برقعو پائي اسڪول وڃي ۽ دوست ھر روز اسڪول جي گيٽ تي بيھي موڪل جو انتظار ڪري ھڪ ٻه دفعا پٽيوالي ڏسي ورتو ته ٻه ٽي چنبا وھائي ڪڍيائين پر دوست بجاءِ بيعزتي محسوس ڪرڻ جي چئي اھو امتحان عاشقن جو سينگار آھي پوءِ ھڪ ڏينھن نيٺ دلبر محبوب سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر محبوب اھو چئي ٺڪرائي ڇڏيس ته سڄو ڏينھن نشي آور شيون کائڻ ڪري تنھنجا ڏند اھڙا خراب ٿي ويا آھن ۽ انھن مان اھڙي ڌپ ٿي اچي جوتو سان شادي ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آئون تو وٽ پنج منٽ بيھي به نه ٿي سگھان بس اھو ٻڌڻ ھو جودلبر ناڪام عاشق وانگر دلبرداشته ٿي ائين ڀڳو جيئن پراڻين پاڪستاني فلمن ۾ ھيروئن ڀڄنديون ھيون ڀڄندي ڀڄندي يار کي اندازو ئي ڪونه لڳو رستي ۾ ھڪ بنڍ پيو ھو ان تان ٿاٻڙجي وڃي ڪريو ۽ سامھون ھڪ وڏو پٿر پيو ھو مٿو ان پٿر سان وڃي لڳو ۽ پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو آئون ساڻس ملڻ ويس ته مون کي سڃاڻي نه سگھيو ۽ چيائين ته ڊونلڊ ٽرمپ تون ھتي پاڪستان ۾ ڇو آيو آھين آمريڪا وارن لوڌي ڇڏيو ڇا بس پوءِ آئون غمگين ٿي موٽي آيس ڌڻي در دعا آھي ته شال منھنجو جگري دوست وري صحتياب ٿئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *