ملير(رپورٽر) پيپلزپارٽي جي جهوني اڳواڻ شير محمد بلوچ جي جنازي نماز ملير ٻڪرا پڙي محمدي گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي
جنازي نماز ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب, ساجد جوکيو، وقار مهدي، عبدالحڪيم بلوچ سميت سوين پارٽي ڪارڪنن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شير محمد بلوچ جو لاڏاڻو پارٽي لاءِ نقصان آھي سندس پارٽي لاءِ قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون
سندس چوڻ هو ته شير محمد بلوچ جو شمار پيپلزپارٽي جي بنيادي اڳواڻن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي وفادار ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو، شير محمد بلوچ پيپلز پارٽي جو مخلص ۽ سچو ڪارڪن هو
واضح رهي ته شير محمد بلوچ ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل رات لاڏاڻو ڪري ويو هو ، شير محمد بلوچ 3 دفعا ايم اين اي 2 دفعا ايم پي کانسواءِ پيپلزپارٽي ضلع ملير ۽ ايسٽ ضلعي جو صدر پڻ رهيو