اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيرين مزاري کي عدالتي حڪم باوجود گرفتار ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت پاران آءِ جي اسلام آباد جي پيش نه ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هيءُ توهين عدالت جو ڪيس آهي، آءِ جي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو
عدالت کي ٻڌائي ڇڏيو ها ته سڀ سياست ٿي رهي آهي ۽ انهن جو ڪيسن سان ڪو تعلق نه آهي
عدالت آءِ جي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، لکت ۾ جواب طلب ڪيو آهي ۽ ٻڌڻي 31مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي