اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ شيرين مزاري کي سال 2022 ۾ گرفتار ڪرڻ جي معاملي تي سڀاڻي 11 وڳي سيڪريٽري ڪابينا کي اصل فائل سان گڏ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو
ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت رپورٽ متعلق پڇاڻو ڪندي رمارڪس ڏنا ته سادو مسئلو آھي، فيڪٽ فائنڊنگ رپوٽ پيش ڪريو
جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڪنھن ڏٺو آھي ته اِن رپورٽ ۾ ڇا آھي؟ رپورٽ ناھي آئي ۽ ان وقت جي ڪابينا تبديل ٿي وئي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ان ڪيس ۾ مبينا اغوا يا گرفتاري جا تفصيل طلب ڪيا آھن حڪومت ھن وقت تائين تفصيلي جواب جمع ناھي ڪرايو
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته سڀاڻي وزير اعظم به پيش ٿيندو، ان جي موجودگيءَ ۾ رپورٽ ڏسي فيصلو ڪنداسين، جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي