| شيلين ووڊلي کي “اسپائيڊر مين” مان نيڪالي ڇو ملي؟ |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي اداڪاره شيلين ووڊلي انڪشاف ڪيو آهي ته هن 2014 جي فلم ’دي اميزنگ اسپائيڊر مين 2‘ ۾ ميري جين واٽسن جو ڪردار ادا ڪيو هو ، فلم رليز ٿيڻ کان سندس سمورا منظر ( سين ) ڊليٽ ڪيا ويا هئا. تازي انٽريو ۾ هن چيو ته اسپائيڊر مين سندس پسنديده سپر هيرو ۽ ميري جين سندس پسنديده ڪردار هو، اهو ڪردار ملڻ تي هوءَ خوش هئي.شيلين ووڊلي موجب هن اينڊريو گارفيلڊ سان 3سين پڻ فلمايا، هڪ سال بعد کيس فون ڪري ٻڌايو ويو ته هوءَ هاڻي فلم جو حصو نه رهندي.فلمساز موجب فلم ۾ ڪيترائي نئون ڪردار متعارف ڪرايا پيا وڃن، تنهنڪري اهي ايما اسٽون جي ڪردار گوين اسٽيسي ۽ اينڊريو گارفيلڊ جي پيٽر پارڪر جي ڪهاڻي جو انجام ڏيکارڻ چاهين ٿا، ميري جين جي ڪردار کي پوءِ واري فلم ۾ متعارف ڪرائڻ جو منصوبو هو. بعد ۾ اينڊريو گارفيلڊ جي اميزنگ اسپائيڊر مين سيريز جي ٽين فلم ئي نه بڻجي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ شيلين ووڊلي کي ميري جين جي ڪردار ۾ ٻيهر متعارف ڪرائڻ جو منصوبو اڌ ۾ رهجي ويو