شينهن اپوزيشن ليڊر ٿيندو، نواز ليگ بدران آزاد اميدوارن سان گڏجي سرڪار ٺاهيندس: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 25, 2024

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد نٿا ڪري سگهون، نواز شريف چور دروازي کان اچي وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. پر شينهن وارا اپوزيشن ۾ هوندا، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو وانگر حڪومت هلائيندس، جلسي کي خطاب ڪندي ۽ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي سڪي جا 2 رخ آهن، چهرا تبديل ٿيندا آهن پر پاليسيون ساڳيون ئي رهنديون آهن، ٻئي پارٽيون پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، پهريون ڀيرو ايڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار اليڪشن وڙهي رهيا آهن، هو آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪندو، نواز شريف چور دروازي مان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ڪيل فيصلن جا اثر ملڪ جي نوجوانن کي ڀوڳڻا پوندا، سندس خيال ۾ اهو بهتر هوندو جيڪڏهن نوجوانن کي اهي فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي 241 ملين آبادي جو لڳ ڀڳ ٻه ڀاڳي ٽي حصو 30 ورهين کان گهٽ عمر آهي، مالياتي رڪاوٽن باوجود مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن ۾ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، هو آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪندو، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ عوام کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي ڀروسو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شفافيت جا سوال 2024ع جي چونڊن تي لٽڪي رهيا آهن، مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي سڪي جا 2 رخ آهن، چهرا تبديل ٿيندا آهن پر پاليسيون ساڳيون ئي رهنديون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون آهن، اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي

Leave A Comment