گجرات(پنهنجي ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پهرين جيڪي ماڻهو چون پيا ته پيپلزپارٽي سان مقابلو ئي ناهي اڄڪلهه پيپلزپارٽي پيپلزپارٽي پيا ڪن
گجرات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اسان جا مخالف ته گهرن مان ٻاهر ئي نه پيا نڪرن، ڪو ته سبب آهي جو شينهن شڪار لاءِ گهر کان ٻاهر نه پيو نڪري، ڇا توهان هنن کي اڳ ۾ ڪڏهن ايڏو ڊنل ڏٺو آهي
هن چيو ته شينهن ته چوي ٿو هن جي لاءِ شڪار ڪو ٻيو ڪري، چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جا خواهشمند چون ٿا ته منشور تي اڃا ڪم هلي رهيو آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي منشور تي عمل ڪيو وڃي ته ملڪ جا سمورا مسئل حل ٿي ويندا
ان موقعي تي سينيئر سياستدان اعتزاز احسن خطاب ڪندي چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ سمورين جماعتن کي ملڻ گهرجي، هڪ جماعت جي عورتن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ ليول پليئنگ فيلڊ نه آهي
اعتزاز احسن چيو ته اهو پيپلزپارٽي جو وڙ ئي ناهي ته عورتن جي گرفتارين جي حمايت ڪري، بلاول جي توسط سان مطالبو ڪريان ٿو ته سمورين جماعتن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي