| شيکر ڌون صوفي شائن سان مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌون باضابطه طور تي گرل فرينڊ صوفي شائن سان پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو،شيکر ڌون انسٽاگرام تي گرل فرينڊ صوفي شائن سان پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪيو ۽ صوفي شائن پڻ شيکر سان هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.شيکر ڌون ۽ صوفي شائن دبئي ۾ چيمپئنز ٽرافي ميچ دوران گڏ نظر آيا. مڱڻي جي اعلان تي شيکر ڌون انسٽاگرام تي لکيو ته گڏيل مسڪراهٽن کان وٺي گڏيل خوابن تائين. اسان جي مڱڻي تي مليل پيار، دعائن ۽ نيڪ خواهشن لاءِ شڪرگذار، اسان هميشه لاءِ گڏ هلڻ جو انتخاب ڪيو آهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب ڌون ۽ صوفي شائن فيبروري ۾ شادي ڪري سگهن ٿا