| شٽ اپ ! يو شٽ اپ ! عليم خان ۽ پلوشه خان ۾ سخت جملي بازي |
اسلام آباد: سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر پلوشه خان جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽر پلوشه خان چيو ته سوال ڪرڻ تي وفاقي وزير ڪاوڙ ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته دنيا جهان جا بي ايمان هتي گڏ ٿي ويا آهن. جنهن تي سينيٽر پلوشه خان ۽ وفقي وزير وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽر پلوشه خان چيو ته اوهان غلط آهيو اِن ڪري سوال ڪرڻ تي ڪاوڙجي ويا آهيو. وفاقي وزير چيو ته مون سان ائين ڳالهائڻ جي اوهان کي جرئت ڪئين ٿي. سينيٽر پلوشه خان چيو ته وفاقي وزير رويي تي ڪميٽي رولنگ ڏي، وفاقي وزير جيڪڏهن منهنجي ذات تي ڳالهائڻ چاهي ٿو ته ڳالهائي. اجلاس دوران مواصلات واري سيڪريٽري سينيٽر پلوشه خان کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪريٽري پنهنجي سيٽ تان اٿي سينيٽر پلوشه خان کي مڃائڻ لاءِ پهتو. سينيٽر پلوشه خان چيو ته وفاقي وزير جي موجوده رويي تي سخت ايڪشن کنيو وڃي. ٻين ڪميٽي ميمبرن سينيٽر پلوشه کي خاموش ڪرائي اجلاس کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن بعد وفاقي وزير عبدالعليم خان پلوشه خان کان معاف گهري ورتي. سينيٽر پلوشه ڪميٽي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. سينٽ جي مواصلات بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽر پلوشه خان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ سبب ملتوي ڪيو ويو.