| شٽ ڊائون هارائڻ جو ڪارڻ، ڊيموڪريٽس مصيبت آندي: ٽرمپ |
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ۾ چونڊون هارائڻ جو مکيه سبب شٽ ڊائون کي قرار ڏيندي چيو آهي ته هاڻ چونڊ نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، پوسٽل بيلٽ کي ختم ڪيو ويندو، ان لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو ويندو. ٽرمپ ريپبلڪن سينيٽرن سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۾ سرڪاري شٽ ڊائون کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته نيويارڪ ۾ چونڊون هارائڻ جو مکيه سبب شٽ ڊائون آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته شٽ ڊائون جلد ختم ٿيندو. شٽ ڊائون ختم ڪري ملڪ کي ٻيهر کوليو وڃي. آمريڪا ۾ سڀ کان ڊگهو شٽ ڊائون ڊيموڪريٽس جي ڪري ٿيو. ۽ ڊيموڪريٽس مصيبت آندي. هن چيو ته پوسٽل بيلٽ سسٽم خراب آهي، ان جي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان کي ختم ڪيو ويندو.