| شڪارپور جيل ۾ قيدي فوت، وارثن جو انتظاميا تي قتل جو الزام |
شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جيل ۾ قيدي فوت، وارثن جو جيل انتظاميا خلاف احتجاج، الزام، ڊسٽرڪٽ جيل ۾قيدي مبينا طور ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوت ٿيل قيدي جي سڃاڻپ منٺار گوپانگ طور ڪئي وئي آهي، جيڪو ڳوٺ سمندر گوپانگ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، ڄاڻ موجب منٺار گوپانگ قتل جي ڪيس ۾ شڪارپور ڀرسان نبي شاهه ٿاڻي تي داخل ڪيس هيٺ جيل حوالي ٿيل هو، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ ھو، جيل ذريعن موجب قيدي کي جيل اندر بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي بعد فوتي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي جج جي موجودگي ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي فوتي جي ڀاءُ شير محمد گوپانگ الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪليو ويو هو هن جيل انتظاميه مٿان سنگين الزام مڙهيندي چيو ته جيل سپرنڊنٽ اسان جي مخالفن کان پيسا وٺي منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرايو آهي، هن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي، آخري اطلاع تائين، جيل انتظاميه جي طرفان واقعي بابت ڪو به موقف سامهون نه اچي سگهيو ھو.