قبيلائي جھيڙي جي باھ ايتري ته وڌي ويئي جو هاڻي رڳو ٻه ڌريون نه پر سڄو سماج روئي رهيو آهي. اُها باھ جنهن جو دونهون ڄڻ چئي رهيو هجي ته انسانيت هارائي وئي, ڄڃ تي حملو ٿيو…۽ اهو حملو رڳو هڪ گهر تي نه، پر هڪ ڌرتي جي عزت، غيرت ۽ تقدس تي حملو هو۔ ڄاڃين جا سڏڪا ۽ سندن اکين ۾ آيل ڳوڙهن جو سمنڊ سڀ ڪجھ اسان وٽ سوال بڻجي بيٺل آهي. آخر اسان وٽ امن جي قيمت ڇا آهي؟ ڪير اهو فيصلو ڪندو ته زندگي ڪنهن جي آهي ۽ موت ڪنهن جو مقدر؟
جيڪو نڪاح جي رات پنهنجا خواب کڻي، مستقبل جون اميدون کڻي ڪنهن جي گهر روانو ٿيو، اُهو گھوٽ جيڪو شايد پنهنجي دل ۾ محبت، ذميواري ۽ نئين زندگي جا رنگ کڻي آيو هو. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته نصيب خراب ھو. پر اسين چئون ٿا نصيب نه، اسان جي سوچ، اسان جو نظام، اسان جي خاموشي خراب آهي قبيلائي جهيڙا رڳو ٻن ڌرين ۾ نه ٿيندا آهن، اهي هر ان انسان کي مارين ٿا، جيڪو امن چاهي ٿو، اهي هر ان عورت جي خوابن کي ختم ڪن ٿا جيڪا پنهنجي اولاد لاءِ محفوظ مستقبل گهري ٿي، اهي هر ان معصوم جي ڀاڪرن ۾ باھ وجهن ٿا، جنهن جي هٿ ۾ رانديڪا هئڻ کپن ها۔
جڏهن ڄڃ تي حملو ٿيو، تڏهن اتي صرف ٻه ڌريون نه ھيون،
اُتي قانون منهن ڍڪي خاموش ٿي ويو، ۽ اُتي سماج پنهنجي ڪردار تي شرمسار بيٺو نظر آيو۔ اسان ڪڏهن سکنداسين؟
صرف هڪ جنازو نه، هڪ سوال آهي۔ صرف هڪ خون نه، هڪ آئيني جو ٹُٽڻ آهي۔ صرف هڪ قتل نه، سڄي سماج جي ضمير جو مرڻ آهي۔ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي سنڌ چاهيون ٿا؟ رت ۾ رڱيل يا امن سان مهڪندڙ؟ ڪهڙو مستقبل چاهيون ٿا؟ جهنگلي رسمون، يا انسانيت جو احترام؟
خدارا… اسان جي ٻارن کان سندن مستقبل نه کسيو، اسان جي ڌيئرن کان سندن خواب نه کسيو، اسان جي ڌرتيءَ تان هي بارود ۽ انتقام جو راڄ ختم ڪريو۔