شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) اليڪشن ويجهو ايندي ئي ضلعي شڪارپور ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، پ پ ضلعي اندر 1988ع وارو اوج بحال ڪرڻ لاءِ پ پ مخالف غوث بخش مهر، ايم پي اي شهريار مهر ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم محمد عارف مهر کي پ پ ۾ شامل ڪرائي ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽون پنهنجي لاءِ آسان بڻائي ڇڏيون آهن
موجودهه تڪ بندين جي حوالي سان شڪارپور ضلعو ٻن قومي اسيمبلي تڪن تي مشتمل آهي، اڳوڻو اين اي 198 موجودهه اين اي 192شڪارپور ۽ خانپور تي مشمتل قومي اسيمبلي جو تڪ آهي، جنهن تي پ پ پاران وفاقي وزير عابد ڀيو چونڊيل آهي
پ پ پاران اين اي 192 تي بابل ڀيو اميدوار طور سامهون اچڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته پ پ مخالف جتوئي ڀائر ۽ جي يو آءِ مضبوط قوتون لکيون پيون وڃن، 2022ع جي بلدياتي اليڪشن جيان پ پ ۽ جي يو آءِ اتحاد ڪري ميدان تي لهن ٿيون ته پ پ سان سخت مقابلي جا امڪان هوندا
پ پ مخالف جي يو آءِ جتوئي اتحاد پاران ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي متوقع اميدوار آهي، اڳوڻو اين اي 199 موجودهه اين اي 193 ڳڙهي ياسين ۽ لکي غلام شاهه تعلقن تي مشتمل قومي اسيمبلي جو تڪ آهي، جتي 2018ع جي چونڊن ۾ جي ڊي اي جو غوث بخش مهر 5 هزار ووٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته مخالف پ پ اميدوار ذوالفقار ڪماريو شڪست کاڌي هئي
موجوده چونڊن ۾ ان تڪ تي معاملو تبديل نظر اچي پيو ڇاڪاڻ ته پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته ان تڪ تان هاڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ وڙهي سگهي ٿو. جڏهن ته جي يو آءِ جتوئي اتحاد پاران بلاول ڀٽو زرداري اميدوار هجڻ جي صورت ۾ سندس مقابلي لاءِ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو پهرين محرم تي شڪارپور جلسي چونڊ وڙهڻ جو باقاعدهه اعلان ڪري ڇڏيو هو
پي ايس 7 تي امتياز شيخ سميت ٻيا اڳواڻ به اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل
پي ايس 7 جيڪو شڪارپور تعلقي تي مشتمل تڪ آهي، جنهن تي 2018ع جي چونڊن ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ 50 هزار ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار آغا تيمور 30 هزار ووٽ کڻي هارائي ويو هو
گذريل چونڊن ۾ جاڳڻ سرڪل هن تڪ ۾ شامل نه هو جيڪو موجودهه تڪ بندين ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن وقت ان تڪ تي دلچسپ صورتحال آهي، موجودهه پ پ ايم پي اي امتياز شيخ سان گڏوگڏ پ پ ضلعي صدر عابد حسين ڀيو، سٽي صدر عقيل عباس سومرو ۽ اڳوڻو ايم پي اي بابل ڀيو به پ پ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شامل آهن
پ پ مخالف اميدوار آغا تيمور پٺاڻ پاران هن وقت پي ٽي آءِ ۾ هجڻ باوجود جي يو آءِ جتوئي اتحاد ۾ شامل ٿي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جا امڪان آهن، تڪ تي 3 متوقع اميدوار آهن
پي ايس 8 خانپور ۽ لکي غلام شاهه تي مشتمل تڪ آهي، جتي 2018ع جي چونڊن ۾ جي ڊي اي اميدوار شهريار مهر ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته شهريار مهر جي ڊي اي کي الوداع ڪري چڪو آهي ان ڪري هاڻي ان تڪ تي پ پ ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار طور امير علي جتوئي جي يو آءِ ۽ جتوئي گروپ جو اميدوار هوندو
پ پ غوث بخش مهر کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ڏيندي؟
اين اي 193 ڳڙهي ياسين ۽ لکي غلام شاهه تان گذريل چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل جي ڊي اي جو غوث بخش مهر هاڻ پ پ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. سندس سيٽ تي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيهندو. پ پ چيئرمين جي ڪامياب ٿيڻ تي غوث بخش مهر کي سينيٽر چونڊرائڻ جا امڪان آهن،
پي ايس 9 پ پ جو مضبوط تڪ: رشد الله امروٽي جي بيهڻ جا امڪان
پي ايس 9 ڳڙهي ياسين تعلقي تي مشتمل صوبائي تڪ تي چونڊن ۾ پ پ اميدوار آغا سراج دراني وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، موجودهه چونڊن ۾ پ پ مخالفن وٽ هن تڪ تي ڪو به مضبوط اميدوار نظر نه پيو اچي، تنهن جي باوجود به جي يو آءِ جتوئي اتحاد پاران سيد رشد الله شاهه امروٽي کي اميدوار بيهارڻ جا امڪان آهن