| شڪارپور جي پي ايس 9 تي ننڍي چونڊ 14 ڊسمبر تي ٿيندي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور جي تڪ پي ايس 9 تي ننڊي چونڊ 14 ڊسمبر تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پاران پريس رليز جاري، چونڊ عمل بابت اليڪشن ڪميشن پاران سمورا انتظام به مڪمل ڪري ورتا آهن، 2 لک 77 هزار 792 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي حق جو استعمال ڪندي، اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ لا۽ هڪ لک 48 هزار 320 مرد جڏهن ته هڪ لک 29 هزار 482 عورتون ووٽر شامل آهن، 178 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، 49، مردن، 49 عورتن ۽ 80 پولينگ اسٽيشنز گڏيل طور قائم ڪيون ويون آهن، 638 پولينگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 328 مردن ۽ 310 عورتن لا۽ پولنگ بوٿ شامل آهن، چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا شهباز خان دراني ۽ جميعت علماء اسلام پاڪستان جي اميدوار مولانا رشدالله شاهه سميت 8 اميدوارن وچ مقابلو ٿيندو، ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪميشنر سنڌ اعجاز انور چوهان پاران ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر، ريٽرننگ آفيسر، مانيٽرنگ ٽيمن ۽ قانون لاڳاپيل ادارن کي سختي سان هدايتون ڪندي چيو آهي ته ننڊي چونڊ جي آزاد، منصفاڻا ۽ پر امن ڪرائڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، چونڊ دوران ڪنهن به بي ضابطگي، خلاف ورزي يا بد انتظامي کي برداشت نه ڪيو ويندو، ياد رهي ته اها سيٽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي فوتگي بعد خالي ٿي هئي.