شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيل ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3 اهلڪار اغوا ڪري ويا، ڌاڙيل سرڪاري هٿيار به کڻي ويا
تفصيل موجب ڪچي جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڌاڙيل اوچتو حملو ڪري ڏنو، پوليس عملي کي يرغمال بڻائڻ بعد ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي کنڀي ويا
ٿاڻي تان اغوا ڪيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، سندس پٽ محمد بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، اهلڪار جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر شامل آهن
ڌاڙيلن ايس ايڇ او جي پٽ محمد بروهي کي ٿاڻي ويجهو پوليس جي فيملي ڪوارٽرز وٽان اغوا ڪيو، ڌاڙيل ٿاڻي ۾ موجود سرڪاري هٿيار به کڻي ويا
اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جون ٽيمون پيرا کڻي ڪچي ڏانهن روانيون ٿي ويون آهن
ذريعن موجب ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس آپريشن دوران انعام رکيل 2 خطرناڪ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا هئا، ڌاڙيلن پلاند طور ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪيو
ذريعن موجب ڌاڙيلن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ گرفتار ڪيل 2 ساٿي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي